سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ فوڊ اٿارٽي سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڊائريڪٽر عائشا جوڻيجو جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم آءِ بي اي ويجھو قائم بٽ ڪڙھائي، شاھي دربار ھوٽل، نين ٽريڊرز ھوٽلن توڙي انھن جي باورچي خاني جو معائنو ڪيو، جنھن دوران صفائي سٿرائي جي صورتحال خراب ھجڻ، پابندي پيل فوڊ ايٽم موجود ھجڻ تي بٽ ڪڙھائي جي انتظاميا مٿان 50 ھزار رپيا ڏنڊ لڳايو ويو، 10 ھزار رپيا نين ٽريڊرز، شاھي دربار ھوٽل تي 10 ھزار ڏنڊ مڙھيو ويو، ڊائريڪٽر سنڌ فوڊ اٿارٽي سکر ريجن جي ڊائريڪٽر عائشا جوڻيجو جو چوڻ ھو ته بٽ ڪڙھائي جي ڪچن جي صورتحال تمام خراب ھئي، جڏھن ته پابندي مڙھيل ايٽم پڻ استعمال ٿي رھيا ھئا، جڏھن ته بٽ ڪڙھائي انتظاميا کي سنڌ فوڊ اٿارٽي وٽ رجسٽريشن ڪرائڻ جي لاءِ نوٽيس اماڻيو ويو آھي پر اِن باوجود رجسٽريشن ناھي ڪرائي، ڄاڻايل ھوٽل مٿان 50 ھزار رپين جو ڏنڊ لڳايو ويو آھي.