سکر (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پاران ملڪ ۾ تيل اگھن ۾ اضافي خلاف سکر واسين پيٽرول پمپ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاھرين کي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا. مظاھرين حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا ھئا. ان موقعي تي احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ اشفاق ڀٽي ۽ ٻين چيو ته وفاقي حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام بڻجي چڪي آھي. آئي ڏينھن تيل جي اگھن ۾ اضافو ڪري عوام تي مهانگائي جو پھاڙ ڪيري رھي آھي. تيل قيمتن ۾ اضافي سان گڏ مھانگائي جو جن به بوتل کان ٻاھر اچي ويو آھي. غريب ماڻھو 2 وقت جي ماني لاءِ به پريشان ٿي ويو آھي. ملڪ ۾ مھانگائي سبب غريب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته ملڪ ۾ تيل جي اگھن کي گھٽائي مھانگائي تي ضابطو آندو وڃي.