مورو/قاضي احمد/دولتپور صفن (نمائندن وٽان) جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، سرفراز ميمڻ، رواداري تحريڪ اڳواڻ پنھل ساريو، علي رضا خاصخيلي ۽ ٻين چيو آهي ته بحريه ٽائون منصوبو سنڌ دشمن منصوبو آهي، جيڪو سنڌ جي اصلوڪن رھواسين جي ڳوٺن گھرن کي ڊاهي کين بي دخل ڪري ٺاهيو ويو آهي، ان خلاف جڏهن سنڌ ايڪشن ڪاميٽي پاران گيٽ تي پرامن ڌرڻو هنيو ويو ته اڳواڻن ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مٿن دھشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جيڪا زيادتي آهي، ھنن چيو ته اڳواڻن تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کين آزاد ڪيو وڃي، هنن چيو ته 18 جولاءِ تي نوابشاهه ۾ مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويندو، سنڌ جي گھڻ گھرن کي ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا، اهڙو اظهار هنن مورو، قاضي احمد ۽ دولتپور صفن ۾ سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن تي داخل ڪيس ختم ڪرڻ ۽ کين آزاد ڪرڻ لاءِ 18جولاء تي نوابشاهه ۾ لڳندڙ ڌرڻي ۾ شرڪت جي دعوتون ڏيڻ دوران ڪيو. ٻي طرف صوفي سنگت سنڌ جي چيئرمين آڪاش ملاح پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڌاريا سنڌي ماڻھن کي چيپاٽي رھيا آھن، سنڌ جي وسيلن تي قبضو آھي، سنڌو درياهه کي سڪايو پيو وڃي، هن چيوته سنڌين کي سجاڳ ٿي روڊن تي نڪري حقن لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي.