سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ ماريل ڀورو جتوئي جي شهرين طرفان پڪڙڻ واري وڊيو منظر عام تي اچي وئي، شهرين طرفان ڦر دوران ڄاڻايل ڏوهاريء کي پڪڙي ارڪٽ بعد زندا حالت ۾ پوليس حوالي ڪرڻ جو انڪشاف۔ شهرين طرفان ڏوهاري کي گرفتار ڪرڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل۔ ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب چار ڏينهن تماچاڻي پوليس طرفان چار ڏينهن مبينا مقابلو ڄاڻائي ڀورو جتوئي کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، ذريعن موجب پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ ماريل ڀورو جتوئي کي سکر بچل شاهه ويجهو آصف ڪالوني ۾ ڦر دوران هڪ ساٿي سان گڏ کيس پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪيو ويو هو، شهرين طرفان مارڪٽ ۽ ڀورو جتوئي کي پڪڙڻ واري وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي پڻ وائرل ٿي آهي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پوليس مقابلي تي ڪافي سوال اٿاريا ويا آهن. ان حوالي سان اهي اطلاع پڻ آهن ته پوليس ڀورو جتوئي جي وارثن کان رشوت طلب ڪئي انڪار تي مبينا مقابلو ڄاڻائي کيس فل فراءِ ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڀورو جتوئي ڏوهاري هو جيڪو، مقابلي ۾ مارجي ويو، هڪ سازش تحت سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو متعلق پوليس جاچ ڪري پئي ته ان جي پٺيان ڪهڙا ڪارڻ يا مقصد آهن؟