نيوسعيدآباد (ن پ ا) ڪجھه عرصو پهرين عدالتي حڪم تحت نيو سعيدآباد ڳ بچاءُ بند تي قبضا ڄاڻائي ڪارروائي بعد بي گھر ٿيل ملاح ، سومرا ، بروهي ۽ باگڙي برادريءَ لاءِ  اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي بشير احمد ميمڻ  ۽ ان جي ڀاءُ فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻ نصير احمد ميمڻ  پنهنجي خرچ تي في سبيل الله 4 ايڪڙ زمين خريد ڪئي، ان جا 135 پلاٽ ڳوٺاڻن حوالي ڪيا ويندا ۽ ان ڳوٺ جو نالو محمد پور رکيو ويو آهي، بشير احمد ميمڻ  متاثرين کي ڳوٺ محمد پور ۾ مسجد، اسڪول ، ھيلٿ سينٽر ٺھرائي ڏيڻ ۽ بجلي به ڏيارڻ جو اعلان ڪيو آهي.