ڪنڊيارو/مورو(نمائندن وٽان) ٽڪ ٽاڪ وڊيو عورت جي جان وٺي ڇڏي، ڪنڊيارو جي ڳوٺ جاويد پنجابي جو رهواسي جوڙو 2 مهينا اڳ شادي ڪندڙ ارجمند آرائين پنهنجي مڙس ضياءُ الدين آرائين سان گڏ ڳوٺ ڀرسان گذرندڙ روهڙي ڪئنال تي ويل هئا جتي عورت پير ترڪڻ سبب روهڙي ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي وئي مڙس جي دانهن تي اتان گذرندڙ ماڻھو پهچي ويا پر ڪئنال ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو تيز هجڻ سبب ڪير به لهڻ لاءِ تيار نه هو بعد ۾ ڪجهه ماڻھو ڪئنال ۾ لٿا پر لاش ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي ويا، پوليس پاران ٽوٻا نه هجڻ سبب عورت جي لاش جي ڳولا ۾ سخت ڏکيائي ٿي رهي هئي ٻڌايو پيو وڃي ته عورت ارجمند آرائين ڪئنال جي ڏاڪڻ تي لهي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ لاءِ پير رکيو ته سندس پير ترڪي ويو ۽ هو ٻڏي وئي ٻڌايو پيو وڃي ته جوڙي جي شادي 2 مهينا اڳ ٿي هئي اڄ عورت جون عزيز عورتون ڪراچي کان آيل هيون ته گهمڻ لاءِ ڪئنال تي ويا ته حادثو پيش آيو. هوڏانهن وارثن پاران روهڙي ڪئنال جي عملي خلاف احتجاج ڪيو هنن الزام هنيو ته ايريگيشن عملدار ڪئنال جا دروازا بند نه ڪيا جنهن سبب عورت جي لاش ڳولهڻ ۾ سخت دشواريون پيش اچي رهيون آھن آخري اطلاعن تائين عورت جو لاش ھٿ نه اچي سگهيو هو.