سکر (بيورو رپورٽ) نئون پنڊ اسلام ڪالوني واسي عزيز احمد پٽ غلام شبير ڀنڀرو ۽ عابد پٽ خادم حسين ٽانوري ٽن ڏينھن کان پراسرار نموني گم آھن، وارثن سعيد احمد ڀنڀرو، خادم حسين ٽانوري پريس ڪلب پهچي دانھيو ته ٻئي نوجوان ريس ڪورس روڊ تي واقع دڪان تي ڪم ڪندا آھن،3 ڏينھن کان گھر ناهن آيا، گھڻي ڳولھا ڪئي آھي پر ڪو به ڏس پتو ناھي پئجي سگھيو.پوليس کي به اطلاع ڏنو آهي، وارثن موجب اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي ڪنهن تي به شڪ ناهي خدشو آهي ته اسان جي نوجوانن کي ڪو ورغلائي اغوا نه ڪيو ويو ھجي، هنن وس وارن ۽ پوليس کي اپيل ڪئي ته اسان غريب آھيون نوجوانن جي ڳولھا ۾ مدد ڪئي وڃي.