سکر: عدالت جو ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سوڌو 14 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
221
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت باگڙجي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل جتوئي برادري جي ٻن ڄڻن جو قتل ڪيس ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او سوڌو 14 ڄڻن مٿان داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت مارجي ويل پهلوان ۽ ليڊر خروس جتوئي جي وارث عورت نواب خاتون جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پنهنجي جتوئي برادري سان زمين جي معاملي تان جهيڙو هلندڙ آهي، ان تان برادري جي جوابدارن ٻن ڄڻن کي قتل ڪيو.

درخواستگذار چيو ته  پوليس قاتلن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪرڻ بدران قاتلن سان ملي ڪري جڙتو پوليس مقابلو ڏيکاري پهلوان ۽ ليڊر خروس کي مارڻ جي دعويٰ ڪري ڏوهاري ظاهر ڪيو آهي، واقعي ۾ ملوث پوليس عملدارن ۽ برادري جي قاتلن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.

عدالت مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻنهي ڄڻن جو ڊي ايس پي قلندر سومرو، ايس ايڇ او امجد مغل، جعمدار شبير ڀيو، اهلڪار رياض ڪورائي ۽ جتوئي برادري جي ڏهه ڄڻن مٿان قتل ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ھي به پڙھندا

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر موت جي سزا آيل جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو