سنڌ ڪابينا جا وڏا فيصلا: سبجيڪٽ تي 45 سيڪڙو پاسنگ مارڪس وارو شرط ختم، اقليتن، عورتن، معذورن، ٿر ۽ ڪاڇي واسين کي مارڪس ۾ رعايت ڏيڻ جو اعلان

0
593
سنڌ جي بجيٽ: پگهارن

.ڪراچي(رپورٽ: دودو چانڊيو ۽ شاهد ميراڻي) سنڌ ڪابينا پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي استادن جي ڀرتي واري پاليسي ۾ نرمي جي مننظوري ڏئي ڇڏي، هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪن وارو شرط ختم، عورت اميدوارن ۽ اقليتن لاءِ پاسنگ مارڪون 55 مان گھٽائي 50، معذورن ۽ پوئتي پيل علائقن (هارڊ ايرياز) جي اميدوارن لاءِ 33 سيڪڙو پاسنگ مارڪون طئه ڪيون ويون، جڏهن ته مرد اميدوارن لاءِ رڳو هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ وارو شرط ختم ڪري مجموعي مضمونن ۾ 55 سيڪڙو مارڪون لازمي قرار ڏنيون ويون، تعليم کاتي جي اختيارين پاران سنڌ ڪابينا ۾ پيش ڪيل تجويزن جو ڪابينا ميمبرن تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ منظوري ڏئي ڇڏي، اجلاس ۾ جي اي ايس ٽيز  جي ڀرتين لاءِ اعلانيل 14039 سيٽن ۾ 2961  سيٽن جو واڌارو ڪري 17 هزار اميدوارن کي ڀرتي ڪرڻ جي به ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي، گنجائش کان وڌيڪ ڀرتي ٿيندڙ 2961  جي اي ايس ٽيز کي هڪ سال  تائين ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويندو. ان حوالي سان  سنڌ ڪابينا ۾ جي اي ايس ٽيز ۽ پي ايس ٽيز جي ڀرتين واري معاملي ۾ آءِ بي اي پاران اميدوارن کان ورتل ٽيسٽ ۾ ڀيانڪ نتيجا سامهون اچڻ کانپوءِ سنڌ سرڪار نيٺ ڀرتي پاليسي  ۾ نرمي آڻي ڇڏي آهي. تعليم کاتي جي تجويزن جو تفصيلي جائزو وٺڻ کانپوءِ سنڌ ڪابينا پاران هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪون کڻڻ وارو شرط ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورت اميدوارن لاءِ سمورن سبجيڪٽن ۾ 55 سيڪڙو مارڪون کڻڻ واري شرط ۾ به ترميم ڪري  50 سيڪڙو مارڪون رکيون ويون آهن، سنڌ ڪابينا جي اي ايس ٽيز لاءِ اعلانيل  14039 خالي جاين کي وڌائي 17 هزار  ڪرڻ جي به منظوري ڏني،  ڪابينا ان معاملي تي غور ويچار ڪرڻ بعد جي اي ايس ٽيز جون سيٽون وڌائي ڇڏيون،  ڪابينا اهو به فيصلو ڪيو ته جي اي ايس ٽيز  لاءِ وڌايل واڌو سيٽن تي ڀرتي ٿيندڙن کي پوسٽنگ لاءِ هڪ سال لاءِ ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويندو. ڪابينا کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ويو ته شرطن ۾ نرمي کانپوءِ 618 معذور اميدوار جي اي ايس ٽي ۽ 911 پي ايس ٽي طور ڀرتي ٿي ويندا، اهڙي طرح اقليتن لاءِ مجموعي مارڪون 55 مان گھٽائي 50 سيڪڙو ڪيون ويون جنهن بعد 875 اقليتي اميدوار جي اي ايس ٽي ۽ 1699 پي ايس ٽي طور ڀرتي ٿي ويندا،  ڀرتين واري پاليسي بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آءِ بي اي سکر استادن جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ ورتي هئي، پي ايس ٽي لاءَ 32510 پوسٽون هيون، جن لا 184209 اميدوارن ٽيسٽ  ڏني. پي ايس ٽي لاءِ ورتل ٽيسٽ ۾ 11549 پاس ٿيا. جي اي ايس ٽي جي 14039 پوسٽن لاءِ ِ 164319 اميدوارن ٽيسٽ ڏني ، جن مان 1385 پاس ٿيا، سرڪار پاران ڏنل رعايت بعد 14662 جي اي ايس ٽي ۽ 28179 پي ايس ٽي چونڊيا ويندا.

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻي ضلعي جون تعلقه اسپتالون ۽ آر ايڇ سيز پي پي ايڇ آءِ کي ڏيڻ جي منظوري