سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر موت جي سزا آيل جوابدار کي آزاد ڪري ڇڏيو

0
210
اغوا ڪيس: 4جوابدارن

سکر(ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ قتل ڪيس ۾ موت جي سزا آيل جوابدار کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

وڪيل شبير بوزدار جو چوڻ آهي ته فريادي ۽ جوابدار ڌر ۾ ٺاهه ٿيڻ تي عدالت سزا ختم ڪندي نورل لولائي کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

فرسٽ يڊيشنل سيشن جج گهوٽڪي جوابدار نورل عرف نوري لولائي کي 22 جنوري 2020 تي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سزا ٻڌائي هئي.

گهوٽڪي جي عدالت قتل ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا ۽ 10 لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.

جوابدار نورل ۽ ٻين 3 نومبر 2010 تي مسمات گلزار جاگيراڻي کي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري قتل ڪيو هو.