سڄي ملڪ ۾ آزادي جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

0
300

ڪراچي/ اسلام آباد (نمائيندن وٽان) سڄي ملڪ ۾ آزادي جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، اسلام آباد ۽ چئني صوبائي راڄڌنين ۾ آزادي جي سِج کي توپن جي سلامي ڏني وئي، ايوانِ صدر ۾ مرڪزي تقريب دورن صدر عارف علوي قومي جهنڊو ڦڙڪايو، ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، مٽياري ۽ ميرپور خاص سوڌو ننڍن وڏن شهرن ۾ تقريبون، جشن آزادي جي موقعي تي ڪراچي ۾ مزارِ قائد ۽ لاهور ۾ علامه اقبال جي مزارن تي پُروقار تقريب دوران گارڊز جي تبديلي جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ سياسي، سماجي، سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران هٿن ۾ پاڪستاني جهنڊا کڻي ريليون ڪڍي آزادي جي ڏهاڙي کي ڀرپور طريقي سان ملهايو پيو وڃي، حيدرآباد ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو مريضن سان گڏ ملهائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر سول اسپتال پهچي ويو ، اسپتال جي ايڊمن عبدالستار جتوئي سان گڏجي ڊي سي فواد غفار سومرو مختلف وارڊن م پهچي علاج سانگي داخل مريضن توڙي تيماردارن ۾ مٺائي تقسيم ڪئي، جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن پاران پريس ڪلب آڏو ريليون ڪڍڻ جو سلسلو به جاري آهي، هوڏانهن ميرپورخاص ۾ به جشن آزادي جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جزبي سان ملھايو پيو وڃي جشن آزادي جي مرڪزي تقريب ڪمشنر آفيس آڏو منقد ڪئي وئي، تقريب جو آغاز پرچم ڪشائي سان ڪيو ويو جنهن بعد ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي لاءِ دعائون گھريون ويون.
هالا ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو محرم الحرام سبب سادگي سان ملهايو پيو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضيٰ علي شاهه، اسسٽنٽ ڪمشنر نهيد ميراڻي جشن آزادي جي موقعي تي سب جيل هالا ۾ قيدين ۽ تعلقه اسپتال هالا ۾ داخل مريضن ۾ مٺائي ۽ برياني ورهائي، هنن چيو ته جشن آزادي جو ڏهاڙو اسان پاڪستانين لاءِ عيد جو ڏهاڙو هوندو آهي، جنهن پوري قوم جوش و جذبي سان ملهائيندي آهي. ڊي سي چيو ته محرم الحرام سبب هن سال اسان پنهنجو عيد جو ڏهاڙو شهيد ڪربلا جي ڏهاڙن سبب نهايت ئي سادگي سان ملهائيندي پوري ضلعي ڪا به وڏي تقريب ناهي ڪئي. ٻئي پاسي ڀٽ شاه ۾ جشن آزادي جي موقعي تي 74 هين سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، ثقافتي مرڪز ۾ جشن آزادي جو ڪيڪ ڪٽي تقريب منعقد ڪئي وئي ۽ مختلف هنڌن تي تقريبون پڻ منعقد ڪيون ويون۽ پاڪستاني جهنڊو لهرايو ويو، گھارو ۾ به جشن آزادي جو ڏھاڙو جوش ۽ جذبي سان ملھايو پيو وڃي، ٽائون ڪميٽي گھارو ۾ اي سي ميرپورساڪرو ،ٽي ايم او گھارو ، ايس ايڇ او گھارو جي اڳواڻي ۾ پرچم ڦڙڪايو ويو .
مٺي ۾ جشن آزادي جو ڏهاڙو ٿرپارڪر ضلعي ۾ به وڏي قومي جوش و جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڊي سي ٿرپارڪر محمد نواز سوهو هاءِ اسڪول گرائونڊ تي ملڪي جهنڊو ڦڙڪائي سلامي ڏني، مٺي ۾ لاڪ ڊائون ۽ قلم 144هئڻ باوجود به جشن آزادي جون ريليون ڪڍيون ويون، جماعت اسلامي جي ضلعي امير سبحان سميجو ۽ بي آئي ايف جي پرشوتم سوراڻي،گومون ڀيل جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريليون شهر جو گشت ڪري ڪشمير چوڪ پهتيون،جتي اڳواڻن پاران خطاب ڪيو ويو ، نوابشاهه ۾ به ملڪ جي 75 ھين آزادي جو ڏھاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملھايو پيو وڃي، جشن آزادي جي تقريب ۾ ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ڊويزن سيد محسن علي شاھ،ڪمانڊر انڊس رينجرز برگيڊيئر محمد رمضان،ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر قومي جھنڊو ڦڙڪايو ان موقعي تي قومي ترانو پيش ڪيو ويو پوليس جي جوانن پاران جھنڊي کي سلامي پيش ڪئي ۽ اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ آزادي جي ڏھاڙي تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪين.
سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو تي اڄ 14 آگسٽ پاڪستان جي آزادي واري ڏهاڙي سنڌ جي مختلف شھرن کان ماڻھو پهتا، موهن جو دڙو تي آيل ماڻهن کي پارڪن ۽ ميوزيم ۾ گهمڻ جي اجازت ڏني وئي، موهن جو دڙو انتظاميه اسٽوپا گريٿ باٿ ڊي ڪي ايريا کي عام ماڻھن لاءِ اڄ آزادي واري ڏهاڙي تي گهمڻ تي پابندي لڳائي وئي،آثارن جي حفاظت لاءِ پوليس سيڪيورٽي مقرر ڪئي وئي، 14 آگسٽ کان وڏي انگ ۾ ماڻھو موهن جي دڙي تي ايندا آھن آثارن کي شديد نقصان ٿيڻ جي ڪري ثقافت کاتو طرفان آثارن کي بند ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي عام ماڻھن کي پارڪن ۾ گهمڻ جي اجازت ڏني وئي آھي، بدين ۾ جشن آزادي جو ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان جي ايم خانا بدين ۾ملھايو پيو وڃي، ڏپٽي ڪمشنر بدين آغا شاھنواز خان ۽ ايس ايس پي بدين پاڪستان جو جھنڊو فڙڪائي تقريب جو افتتاح ڪيو، سنڌ پوليس جي دستي سلامي ڏني پاڪ آرمي جي دستي بينڊ باجا کڻي پاڪستان جي قومي تراني جي ڌن وڄائي پروگرام کي چار چنڊ لڳايا، هن کان علاوه دادو، سانگهڙ، ٽنڊو محمد خان، ڪنڌڪوٽ ڪشمور، گڊو، خيرپور، هالاڻي، ٽنڊو ڄام، ٺل، شهدادپور، شڪارپور، پنو عاقل ۽ سنڌ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جشن آزادي جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.