لورالائي ويجهو ايف سي جي گاڏي تي حملو، اهلڪار شهيد، 2 زخمي، 3 دهشتگرد مارجي ويا

0
352
ايف سي جي گاڏي تي حملو

ڪراچي(م ڊ) بلوچستان جي علائقي لورالائي ويجهو ايف سي جي گاڏي تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد ۽ ميجر سوڌو ٻه اهلڪار زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب لورلائي ويجهو دهشتگردن ايف سي جي گاڏي تي حملو ڪيو، دهشتگرد حملي ۾ نائيڪ شريف شهيد جڏهن ته ميجر قاسم ۽ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيا، آءِ ايس پي آر موجب جوانن طرفان فوري طور ڪارروائي ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته دهشتگردن جي حملي ۾ زخمي ٿيل ايف سي اهلڪارن کي سي ايم ايڇ ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد لورا لائي ۾ ايف جي گاڏي تي دهشتگردن جي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي شهيد نائيڪ شريف جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي، سماجي ويب سائيٽ تي ٽويٽ ڪندي وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته بزدلاڻيون ڪارروايون فورسز جا حوصلا ختم نٿيون ڪري سگهن، ايف سي جي گاڏي تي فائرنگ بزدلاڻا ڪارروائي آهي، واضح رهي ته هن کان اڳ ڏکڻ وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪري هڪ دهشتگرد کي ماريو هو جڏهن ته فائرنگ ۾ هڪ جوان به شهيد ٿيو هو.