سڄي دنيا پنهنجي آهي

0
975
سڄي دنيا پنهنجي آهي

 ڪافي عرصي کان مون هڪڙي ڳالھ نوٽ ڪئي آهي ته آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، دبئي، ملائيشيا سميت ڪنهن به ملڪ مان ڪو سنڌي سوشل ميڊيا تي پنهنجي تصوير يا ڪا پوسٽ رکندو آهي ته ان هيٺان ٻه چار هن قسم جا ڪمينٽس ضرور ھوندا آهن: “سنڌ سورن ۾ آهي، اوهان وتو ٿا ٻاهر عياشيون ڪندا… سنڌ مان ناڻو لٽي ٻاهر پيا خرچ  ڪريو، سنڌ سان محبت اٿوَ ته سنڌ ۾ ڪو ڪاروبار ڪريو، سنڌي نوڪرين تي رکو….” يا وري ڪي لکندا، “سنڌ سان پيار اٿوَ ته سنڌ ڇڏي ٻاهر ڇو ويا آهيو؟….” وغيره وغيره. ان قسم جا يا ان سان ملندڙ جلندڙ رايا ملندا رهندا آهن. توڙي جو اهي رايا ڪا وڏي اهميت ڪونه ٿا رکن، پر ان قسم جي ھڪڙي سوچ اسان جي ماڻهن جي ذهن ۾ موجود آهي، جيڪي سمجهن ٿا سنڌ جا سڄڻ صرف اهي آهن، جيڪي سنڌ ۾ رهن ٿا، سنڌ کان ٻاهر جيڪو به وڃي ٿو، اهو يا ته عياشي لاءِ ٿو وڃي يا وري سنڌ جا حق وڪڻي ٿو وڃي. حالانڪه حقيقت ان جي ابتڙ آهي.

                 ان سوچ جي جواب ۾ قصا ڊگھا آهن. دليل ڏبا ته ڪتاب ڀرجي ويندا. مختصر هي ته تاريخي طور به ڏسبو ته سنڌ جي ماڻهن ڀلي پنهنجون سرحدون پار ڪري ڪنهن ٻئي ملڪ تي حملا ناهن ڪيا پر سنڌ جا ماڻهو وڻج واپار، روزگار لاءِ صدين کان سڄي دنيا ۾ ويندا رهيا آهن. سنڌي واپار ۾ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ آباد ٿيل ملندا. رڳو الطاف شيخ جا سفرناما پڙهو، ان مان ئي اندازو ٿي ويندو. خود لطيف سائين به سنڌين کي لنڪا لٽي ايندڙ ۽ کاري کيڙائو سڏيو آهي. هي اسماعيلي خواجه، ميمڻ، واڻيا اسان کي سڄي دنيا ۾ ملندا. سنڌ مان ڏيساور لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي. مون ڏٺو ته ڪاوڙ انهن تي ناهي، ڪاوڙ اسان پوليٽيڪل ورڪرن تي آهي، جن سنڌ ڇڏي. دنيا ۾ هڪڙا ماڻهو وڻج واپار لاءِ ويا، هڪڙا روزگار جي ڳولا ۾ ويا، هڪڙا اسان جهڙا قومي ڪارڪن، آئون ٻين جي گلا ڪونه ٿو ڪريان، پر جيڪي به قومي سوچ رکندڙ ڪارڪن سنڌ ڇڏي دنيا ۾ وڃي آباد ٿيا آهن، انهن سنڌ سان ذري جو به ناتو ناهي ٽوڙيو. سنڌ ۾ اڄ به ڪا نا انصافي ٿئي ٿي ته اهي ئي قومي ڪارڪن، ڀلي اتي روزگار جي مشڪل ترين ڪيفيتن ۾ هجن، پو به پلي ڪارڊ کڻي وائيٽ هائوس کان وٺي اقوام متحده جي هيڊ آفيس پهچي ٿا وڃن. سفارتخانن آڏو مظاهرا ٿا ڪن. سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهو پريس ڪلبن آڏو ٿا وڃن، اسان اتي سفارتخانن آڏو ٿا وڃي احتجاج ڪريون. ان کان سواءِ سنڌ مان ڪوبه ماڻهو روزگار يا تعليم سانگي آمريڪا، يورپ، آسٽريليا، ملائيشيا، دبئي، سعودي عرب يا ڪٿي به وڃي ٿو ته اهي ئي سنڌ جا قومي ڪارڪن سڀ کان وڌيڪ سندن ڀرجهلا ٿين ٿا. لازمي ناهي ته هر معاملو سوشل ميڊيا تي رکي واھ واھ ڪرائجي. دوست پنهنجا گهر کولي ٿا ڏين، ۽ اهو ڪو ڳڻائڻ وارو ڪم ناهي. دنيا ۾ آباد سنڌين جو اهو فرض به آهي. ان ڪري آئون سمجهان ٿو ته سنڌي ماڻهن کي دنيا ۾ نڪرڻ گهرجي. دنيا جي هر ڪنڊ ۾ وڃو، اتي اوهان کي بنگالي، پنجابي ويندي هاڻي افغاني به ملندو. اوهان جو هڪڙو به گهر ڀاتي اگر ٻاهر نڪري روزگار ڪري ٿو ته سمجهو پٺيان ڪيترن ماڻهن جي زندگي سڌريو وڃي.

هي دنيا اسان جي ئي آهي، ڀلي ديس پرايا هجن، پر دنيا پنهنجي ئي آهي. اگر ڳوٺ ۾ روزگار ناهي، اسڪول ناهي، ته پاڻ ۽ پنهنجن ٻچن کي بک مارڻ بدران شهرن ۾ شفٽ ٿيڻ ڪا روايت شڪني يا سنڌ دشمني ناهي. ننڍن شهرن ۾ روزگار ناهي ته ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻي يا حيدرآباد شفٽ ٿيڻ ڪا سنڌ دشمني ناهي. اگر سنڌ کان ٻاهر سڄي دنيا ۾ اوهان کي ڪو روزگار ملي ٿو يا ٻارن جي تعليم لا موقعو ملي ٿو ته نڪرڻ ۾ ڪو عيب ناهي، ڪا سنڌ  دشمني ناهي. ها وڏيرا، ڪرپٽ ڪامورا اگر سنڌ لٽي ٻاهر وڃي آباد ٿا ٿين ته انهن کان ڀلي پڇاڻو ٿيڻ گهرجي، پر سڀني کي هڪڙي ساهمي ۾ تورڻ صحيح ناهي. هي سڄي دنيا پئي آهي، سنڌ جي ماڻهن کي وڌ کان وڌ ڪوششون ڪري ٻاهر اچڻ گهرجي. گوگل جو استعمال ڪجي، سوين اسڪالرشپس پيون آهن، انهن ذريعي پنهنجا ٻار ٻاهر پڙهڻ لاءِ موڪلجن. هنري روزگار جا موقعا کوڙ آهن، پنهنجا ٽيڪنيڪل ڪاليج ٻيهر آباد ڪري ماڻهو تيار ڪري ٻاهر موڪلجن. دنيا ۾ اميگريشن جا کوڙ آسان طريقا آهن، انهن جي ڄاڻ وٺي ان مان به فائدو وٺي سگهجي ٿو. رڳو گهر ويهي سنڌ تان جندڙو گهورڻ بدران دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي سنڌي قوم کي هڪ جديد قوم ٺاهڻ ۾ ئي اسان جو جياپو آهي.