نظرئي جي سياست جو بحران

0
262
نظرئي جي سياست جو بحران

 ٻه هفتا پهرين ڇپيل ڪالم ۾ مون شناخت جي سياست تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو هو ۽ اڄوڪي ڪالم ۾آئون ان سان ئي جڙيل موضوع “نظرئي جي سياست” (نظرياتي سياست) تي ڳالهه ٻولهه ڪريان ٿو. انڊين يوگي سڌ گرو جي خيال ۾ “شناخت ڪاتي آهي ۽ نظريو اهو هٿ آهي، جيڪو ڪاتيءَ کي هلائي ٿو”. ڀٽائي مرشد جي بيت جي هڪ سٽ “ڪاتيءَ ڪونهي ڏوهه، ڳَن وڍيندڙ هٿ ۾” پڻ ڪاتيءَ کان وڌيڪ ڳَنَ تي زور ڏنو ويو آهي. شناخت جو ڳَنَ نظريو آهي.

                 دنيا ۾ عام طور اها راءِ موجود آهي ته ٻُڌ امن پسند ماڻهو آهن پر جڏهن 1937ع ۾ جاپاني سامراج چين تي حملو ڪيو هو، تڏهن اتان جي ٻُڌن جي وڏي اڪثريت حملي جي حمايت ڪئي. جاپاني فلسفي ٽي. زي. سوزوڪي جي لاءِ مشهور آهي ته، هُن ٻُڌ جي فلسفي کي مغرب ۾ مشهور ڪرايو هو. هُن کي نوبل انعام لاءِ پڻ نامزد ڪيو ويو هو، پر هُن ٻُڌ جي امن پسنديءَ جي فلسفي جي جڳهه تي جاپاني قوم پرستي ۽ جاپاني سامراجي ذهنيت کي ترجيح ڏني هئي. هُن جا چيل ڪجهه جملا ڪافي تڪراري آهن. مثال طور: “توهان دشمن سان مقابلو ڪريو، اهو مسئلو تيسين تائين رهندو، جيسين تائين سَمسارا آهي”. سمسارا هندو ۽ ٻُڌ فلسفي جو بنياد آهي، جنهن موجب زندگي ۽ موت هڪ ڦيرو آهي ۽ اسان هن جنم ۾ جيڪي ڪَرم ڪريون ٿا، سي اسان جي ايندڙ جنم جو تعين ڪندا. هُن جو چيل ٻيو جملو ڪنهن حد تائين جاپاني جارحيت جي حمايت ڪري ٿو: “منهنجي هٿ ۾ ڪاتي آهي ۽ آئون توهان کي مارڻ چاهيان ٿو…. پر ٿوري دير جي لاءِ سوچيو ته توهان کي گوتم ٻڌ جيئن گيان اچي ويو آهي ۽ توهان جو وجود هوا ۾ تحليل ٿي ويو آهي… جيڪڏهن توهان ان ڳالهه ۾ يقين رکو  ٿا ته پوءِ سمجهو ته آئون توهان کي قتل نه ڪري رهيو آهيان. اها ڪاتي آهي، جيڪا منهنجي هٿن ۾ نچي رهي آهي ۽ توهان جو جسم پاڻ ڪاتيءَ ڏانهن ڇڪجي اچي رهيو آهي”. آلٿوسير سچ چئي ويو هو ته، “اهڙي ڪابه سياسي جدوجهد نه آهي، جنهن جي پويان نظريو نه هجي”. نظريو سياست جي ضرورت آهي.

سابق سوويت يونين ۾ ڪنهن ڪميونسٽ مزدور تي چوري جو الزام لڳائي ان کي گرفتار ڪيو ويو هو. ڪورٽ ۾ هُن جي شنوائي لڳي ۽ جج هُن کان سوال پڇيو ته، “ڏي خبر، ڪامريڊ تو واقعي چوري ڪئي آهي؟” مزدور ڪٽر ڪميونسٽ هو ۽ هُن جواب ۾ چيو ته، “جج صاحب! مون چوري ڪانه ڪئي آهي پر جي منهنجي پارٽي چوي ٿي ته مون چوري ڪئي آهي ته مونکي ڏوهه قبول آهي، ڇو جو پارٽي ڪوڙ نه ٿي ڳالهائي سگهي”. ڪامريڊ جي لاءِ پارٽي جو وقار هُن جي پنهنجي تڪليف کان وڌيڪ اهم هو ۽ هُن نه ڪيل گناهه جي سزا کي قبول ڪرڻ مناسب سمجهيو پر پنهنجي پارٽيءَ جي وقار کي بچايو هو. نظرئي سان پيار ڪنهن محبوب جي پيار کان وڌيڪ طاقتور آهي. محبوب سان پيار ۾ ماڻهو پاڻ کي دک ڏيندو آهي پر نظرئي سان پيار ماڻهن کي جنوني بڻائي، ٻين جا ڪنڌ به ڪٽرائي ٿو. ان جو هڪ مثال برِصغير مان انگريزن جي نڪرڻ وقت پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڏسڻ ۾ آيو هو. اهڙي ئي صورتحال نازي پارٽيءَ جي عروج واري زماني ۾ جرمن قوم کي ڀوڳڻي پئي هئي. ورهاڱي کان پوءِ بنگال ۾ جيڪا بربريت ڪئي وئي يا وري سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي دور ۾ جيڪي انسانيت جي خلاف جرم ڪيا ويا هئا، سي به ڪنهن خاص نظرئي جي پرستش هئي.

سوال اهو آهي ته ماڻهن جي وڏي اڪثريت هٽلر، يحييٰ، الطاف، ٽرمپ، مودي ۽ اهڙن ٻين ليڊرن جي حمايت ڇو ڪندي آهي؟ اهي ليڊر عوام کي جسماني طور جبر ڪري پنهنجو حامي نه بڻائيندا آهن. اهو نظريو ئي آهي، جيڪو عوام کي ليڊرن ڏانهن ڇڪي ٿو. هر رياستي مشنري، بشمول ان جي سيڪيورٽي ايجنسين جي، هڪ حد هوندي آهي ۽ جيڪڏهن عوام ان نظرئي جي حمايت نه ڪري ته اهو سسٽم گهڻو وقت هلي نه ٿو سگهي.   نفسيات جي ماهر ڪارل يُنگ جو هڪ جملو مشهور آهي، جنهن ۾ هُن چيو هو ته، “ماڻهن وٽ نظريا نه آهن پر نظرين وٽ ماڻهو آهن”. اسان سمجهندا آهيون ته اسان قوم پرست آهيون، لبرل آهيون يا وري سوشلسٽ پر جيڪڏهن توهان سوچيو ۽ پاڻ کان سوال پڇو ته ڪٿي ائين ته نه آهي جو توهان نظرين جا قيدي آهيو ۽ هر ان عمل جو دفاع ڪريو ٿا، جيڪو نظريو توهان کي پڙهائي ٿو.

يوگوسلاويه جي خانه جنگي ۾ سڀ کان وڌيڪ بدنام سياستدان رادوان ڪاراڊڪ هو. انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ هُن کي انسانيت جي خلاف ڏوهن جي جرم ۾ چاليھ سالن جي سزا ڏني هئي. هُن جي ڏوهن ۾ سڀ کان بدنام سريبرينڪا ڪئمپ ۾ بوسنيا جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتن جي نسل ڪشي هئي. هُو سياستدان هئڻ سان گڏ شاعر ۽ نفسيات جو ماهر به هو. هُن پنهنجي شاعريءَ کي نسل پرستي جي مهم جي لاءِ ڪاميابي سان استعمال ڪيو هو. هينري هيملر شايد هٽلر کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ طاقتور جرمن نازي هو. هُن يهودين، روما، سلاوڪ ۽ ٻين اقليتن جي نسل ڪشي جي لاءِ قتل گاهون ٺاهيون هيون. هُن کي خبر هئي ته ايس ايس خفيه ايجنسي جا آفيسر خوشي خوشي وحشتناڪ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. هيملر جي لاءِ مشهور هو ته هُو هميشه پاڻ سان گڏ کيسي ۾ گيتا رکندو هو. گيتا ۾ ڪرشن ۽ ارجن جي درميان مها ڀارت جي جنگ ۾ شرڪت ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه بيان ڪيل آهي. ارجن پنهنجي سئوٽن جي خلاف جنگ وڙهڻ جي لاءِ راضي ڪونه هو، پر ڪرشن هُن کي قائل ڪيو ته دنيا فقط خام خيالي آهي، مايا آهي. اها جُڙي ٿي، ڀُري ٿي ۽ وقت تي غائب ٿئي ٿي. پنهنجي سئوٽن جي خلاف جنگ تنهنجي ذاتي جنگ نه آهي….ان فلسفي نازي هيملر کي ڪافي اتساهه ڏنو هو. ڊاڪٽر عبدالسلام سان گڏ اسٽيون وائنبيرگ کي به فزڪس ۾ نوبل انعام مليو هو. هُن جو هڪ قول آهي ته، “چڱا ماڻهو چڱا ڪم ڪندا آهن ۽ بُرا ماڻهو بُرا ڪم ڪندا آهن پر چڱن ماڻهن کي بُرا ڪم ڪرڻ جي لاءِ مذهب جي ضرورت پوندي آهي”. انڊيا ۾ ذات پات کي قائم رکڻ جي لاءِ گانڌي گيتا مان مثال ڏيندو هو ۽ دليل ڏيندو هو ته ذات پات مقدس آهي ۽ هريجنن کي اها خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي. اهڙي ئي ذهنيت ڀُٽي صاحب جي زرعي اصلاحات جي خلاف جماعت اسلامي ۽ ٻين مذهبي پارٽين ورتي هئي.  ملڪ جون سياسي ۽ مذهبي پارٽيون شايد ئي جاگيرداري جي خلاف ڳالهه ڪن. ملڪ ۾ قانون پاس ٿيل آهي ته ڪوبه ماڻهو هڪڙي حد کان وڌيڪ زمين نه ٿو رکي سگهي پر تقريبن هر پارليامينٽ جي ميمبر وٽ ناجائز زمين آهي. اڪثر مولوين وٽ ناجائز زمين آهي. ان کلي ڀڃڪڙيءَ تي توهان کي نه ته ڪو خطبو ٻڌڻ لاءِ ملندو ۽ نه وري پارليامينٽ ۾ ڪو آواز.

منهنجو مقصد نظرياتي سياست جي حمايت يا مخالفت ڪرڻ هرگز نه آهي. سياست جدلياتي عمل آهي ۽ هر سماج ۾ تضادن جي نوعيت ۽ جدوجهد الڳ الڳ هوندي آهي. سياست هر ماڻهوءَ جي ضرورت آهي، جيڪا ضرور ڪرڻ گهرجي. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته زندگي سياسي انهيءَ ڪري نه آهي ته دنيا کي اسان جو فڪر آهي پر انهيءَ ڪري سياسي آهي، جو دنيا اسان جي عملن تي پنهنجو ردِ عمل ڏيکاريندي آهي. سائينڊر جي ان چواڻي سان ايندڙ هفتي تائين موڪلاڻي.