اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان پنهنجي وزيرن جي ڪارڪردگي سٺي نه هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي. هن خطاب ۾ چيو ته منهنجا وزير منهنجي ٽيم جا رانديگر آهن، سمورا رانديگر سپراسٽار ناهن هوندا، ڪجهه بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندا آهن جڏهن ته ٻين جي ڪارڪردگي سٺي ناهي هوندي. جيڪو سٺو ڪم نه ڪندو اهو وزير گهر ويندو. هن چيو ته نئون ناڻي وارو وزير رڳو ٻن سببن جي ڪري آندو اٿم هڪ ته هو مهانگائي گهثائي ۽ ٻيو ترقي جي شرح ۾ اضافو ڪري.