اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان کان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران هڪ شهري جو سوال ڪندي چيو ته وزيراعظم صاحب! تازو عمرو ڪري آيا آهيو، ايمانداري سان ٻڌايو ته وزيرن ۽ مشيرن جي ڪارڪردگي مان مطئمن آهيو؟ جنهن تي وزيراعظم جواب ڏيندي چيو ته 11رانديگرن جي ٽيم ۾ سڀ سپر اسٽار نه هوندا آهن، جيڪي وزير ڪارڪردگي نه ڏيکاريندا، اُنهن کي هٽائي نوَن ماڻهن کي موقعو ڏنو ويندو.