ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ ڪابينا نيب اختيارين پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪم ڪندڙ هڪ کان 22 گريڊ جي ملازمن ۽ آفيسرن جي ڊوميسائلن جي بنياد تي مقررين بابت لکيل خط کي چڙ ڏياريندڙ ۽ اختيارن کان مٿانهون قرار ڏيندي نيب چيئرمين کان انڪوائري جو مطالبو ڪري ڇڏيو . وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي دارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ نيب جي سنڌ سرڪار کي لکيل خط جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪابينا جي مختلف ميمبرن نيب جي اهڙي خط جي مذمت ڪندي چيو ته خط بابت سنڌ حڪومت کي سخت موقف اختيار ڪرڻ گهرجي، ڪابينا اجلاس ۾ نيب جي اهڙي خط جي مذمت ڪندي چيو ويو ته وفاقي خاص معاون شهزاد اڪبر جي هدايتن تي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ نيب پاران لکيو ويو آهي. نيب سنڌ سرڪار کي جيڪو خط لکيو هو، اهو غيرقانوني هو، اهو نيب جي اختيار ۾ ئي نه ٿو اچي ته هو صوبائي حڪومت کان ڊوميسائل سطح تي مقررين تي پڇاڻو ڪري. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ چيو ويو ته نيب جو خط چڙ ڏياريندڙ آهي، اجلاس ۾ گهر ڪئي وئي ته نيب اختيارن پاران سنڌ سرڪار کي لکيل خط جي نيب چيئرمين انڪوائري ڪرائي.