سڀني جي مدد ڪئي، پاڪستان جي ڪنهن به نه ڪئي، ايندڙ هفتي قوم کي خوشخبري ڏينداسين: رميز راجا

0
266
سڀني جي مدد ڪئي

ڪراچي(م ڊ) پي سي بي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته اسڪول ڪرڪيٽ تي 4 بينڪس سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، هڪ سيڙپڪار چيو ته ڀارت کان ميچ کٽڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ لاءِ بلينڪ چيڪ ڏيندس.

رميز راجا بين الصوبائي رابطن واري ڪميٽي کي بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 50 سيڪڙو آءِ سي سي فنڊنگ تي هلي ٿو، پاڪستان ۾ پچز ۽ ڪوچنگ ٺيڪ ناهي، 20 سيڪڙو ڊوميسٽڪ ڪوچز کي تبديل ڪرڻو آهي.

هن چيو ته ايندڙ چئن هفتن ۾ تبديلي نظر ايندي، نيوزيلينڊ دورو ري شيڊول ڪرڻ بابت سوچي رهي آهي، ايندڙ هفتي قوم کي خوشخبري ڏينداسين.

ٻئي پاسي هڪ بيان ۾ رميز راجا چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي دوران سڀني جي مدد ڪئي پر پاڪستان جي مدد لاءِ ڪوئي به نه آيو.

پنهنجي هڪ بيان ۾ رميز راجا چيو آهي ته انٽرنيشنل سيڪيورٽي ايجنسي چيو ته دنيا جي مقابلي ۾ پاڪستان جي سڪيورٽي بهترين آهي، ايترو سنگين خطرو نه هو پر نيوزيلينڊ دورو منسوخ ڪيو، پاڪستان جي غلطي ناهي ته پوءِ ڇو اسان احساس ڪمتري ۾ پئون.

هن چيو ته نيوزيلنيڊ کانپوءِ انگلينڊ جي چيئرمين چيو ته رانديگر ڊڄي ويا، انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ چيو ته 4 ڏينهن ۾ اسٽيڊيم جي اندر هوٽل جي سهولت ڏئي دورو مڪمل ڪرائينداسين پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.

هن چيو ته 4 ماڻهن جي وڃڻ سان پي سي بي سال جو 13 ڪروڙو رپيا بچايا آهن، مان 13 ڪروڙ رپين ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ نئون فلڊ لائٽس جو اسٽرڪچر بيهاري سگهان ٿو.

هن چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ جا آفيسز بهترين بڻجي سگهن ٿا، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پيسوبچائيندو به ۽ لڳائيندو به، جيڪو ماڻهو پاڪستان ڪرڪيٽ کي اڳتي وٺي ويندو ان کي بورڊ ۾ آڻينداسين.

هن چيو ته هڪ ملين ڊالر جي هڪ ڊراپ ان پچ آهي ۽ ٻه ڪمپنيون لڳائڻ لاءِ تيار آهن، پي سي بي سوچيو آهي ته اسٽيڊيم جي نيمنگ رائٽس پرائيويٽ ڪمپنين کي ڏنا وڃن.

 

ھي به پڙھندا

ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف کيڏڻ ۾ ڪا پريشاني ناهي: نيوزيلينڊ جو ڪوچ