ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف کيڏڻ ۾ ڪا پريشاني ناهي: نيوزيلينڊ جو ڪوچ

0
227

ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ گيري اسٽيڊ چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان خلاف پهرين ميچ کيڏڻ ۾ ڪابه پريشاني نه آهي. گيري اسٽيڊ چيو ته پاڪستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو،اهو افسوسناڪ آهي، ان کي تبديل نٿا ڪري سگهون، پاڪستان سان کيڏڻ جو موقعو رانديگرن به وڃايو آهي، جيڪي هاڻ ٻيهر کيڏڻ گهرن ٿا. هن چيو ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سٺي تياري ڪئي آهي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان جو مقابلو ڪنداسين.