سپريم ڪورٽ نصلا ٽاور خالي ڪرائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي

0
269
نسله ٽاور: منظور قادر ڪاڪا

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ نصلا ٽاور خالي ڪرائڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نصلا ٽاور بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت نصلا ٽاور ڊاهڻ خلاف داخل نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي آھي.

نصلا ٽاور جي وڪيل جو چوڻ ھو تھ اسان وفاقي حڪومت کان زمين  خريد ڪئي آهي، قبضو ناهي  ڪيو.

چيف جسٽس ان دوران پڇاڻو ڪيو تھ اهو ٻڌايو نصلا ٽاور 780 مان 11سئو 21گز ڪيئن ٿي ويو؟ چيف جسٽس چيو تھ

جائزو وٺڻ کانسواءِ ئي پراپرٽي خريد  ڪندا ته پئسا اسان وٺي ڏينداسين ڇا؟، عدالت نصلا ٽاور خالي ڪرائڻ لاءِهڪ مهيني جي مهلت ڏئي ڇڏي آھي.