برگر کائڻ دوران عورت جي وات ۾ انساني آڱر اچي وئي

0
335

لاپاز(دلچسپ نيوز) برگر کائڻ دوران عورت جي وات ۾ انساني آڱر اچي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب بوليويا جي شهر لاپاز ۾ اسٽيفني بينتيز نالي عورت سان انوکو واقعو پيش آيو، برگر مان انساني آڱر نڪرڻ تي اسٽور بند ڪري مالڪ تي ڏنڍ وڌو ويو، چيو پيو وڃي ته اسٽيفني مقامي اسٽور مان برگر خريد ڪيو ۽ گهر اچي کائڻ شروع ڪيو،عورت  کي برگر کائڻ دوران وات ۾ ڪنهن عجيب شي جو احساس ٿيو،اسٽيفني بينتيز جيئن ئي ان کي وات مان ٻاهرڪڍيو ته خوف ۾ وٺجي وئي، عورت خوفناڪ واقعي جو فوري طور اطلاع اسٽور مينيجر ۽ پوليس کي ڏنو جڏهن ته اسٽيفني بينتيز برگرمان نڪتل انساني آڱر جي تصويرسوشل ميڊيا تي پڻ شيئر ڪئي جنهن بعد اسٽور انتظاميا وصاحت ڪندي ڄاڻايو ته اها آڱر هڪ ملازم جي آهي ۽ گوشت ڪٽيندي ڪٽجي وئي هئي ٻئي طرف پوليس انساني آڱر برگر ۾ شامل هجڻ تي اسٽور بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته مالڪ تي پڻ ڏنڊ لڳايو ويو آهي.