اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جهانگير ترين سميت ٻين ملڪ جي اعليٰ شخصيتن جي شگر ملن کي رليف ڏيڻ واري فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي اپيل اڪلائيندي لاهور هاءِ ڪورٽ مان فيصلو اچڻ تائين جيڪا رقم عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم  ڏنو ويو آهي ان تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڪالهه وقتي چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڊپٽي اٽارني جنرل پيش ٿي چيو ته شگر مل مالڪن جي طرف کان اضافي منافعي حاصل ڪرڻ جا چيڪ عدالت ۾ جمع ڪرايا پيا وڃن، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي اچڻ تائين هن عدالت پاران جيڪو حڪم ڏنو ويو آهي ان تي عمل ڪيو وڃي اسان چاهيون ٿا ته ملڪ ۾ صنعتن کي فروغ ڏنو وڃي، صنعتون لڳنديون ته ملڪ ۾ روزگار پيدا ٿيندو.