ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي واپارين ڪورونا صورتحال دوران ڪراچي ۾ ڪاروبار جو وقت 8 وڳي مقرر  ڪرڻ ۽ هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند رکڻ واري حڪومتي فيصلي خلاف اڄ کان احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي پئي وڃي، ڪراچي واپاري اتحاد پاران اڄ ايم اي جناح روڊ تي لائيٽ هائوس وٽ بک هڙتال ڪئي ويندي. واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي جو چوڻ آهي ته ڪاروبار جي وقت ۾ تبديلي ڪري هفتي ۾ هڪ ڏينهن ڪاروبار بند رکيو وڃي، اسان جا جائز مطالبا منظور نه ٿيا ته احتجاج جاري رکندا سين.