ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس ۾  ڊي ايس پي ڪمپلينٽ سيل جون 100 پوسٽون قائم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي  آهي، انهي حوالي سان آءِ جي سنڌ طرفان گھروکاتي کي خط لکي ڄاڻايو ويو ته سپريم ڪورٽ ماڻهن جي شڪايتن جي شفاف جاچ ۽ فوري حل لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت کي پبلڪ ڪمپلينٽ اٿارٽي ٺاهڻ جي هدايت ڪئي هئي، عدالتي حڪمن تي ضلعي سطح تي ايس پي ڪمپلينٽ سيل ۽ اي آءِ جي ڪمپلينٽ سيل جون پوسٽون ٺاهڻ جي سفارش ڪري چڪا آهيون. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪيسن جي درست ۽ تڪڙي جاچ لاءِ ڊي ايس پيز ڪمپلينٽ سيل جون 100 پوسٽون ٺاهيون وڃن، اهي ڊي ايس پي، ايس پي ڪمپلينٽ سيل جي ماتحت هوندا، ڪيسن جي جاچ ڪندا، ڪراچي رينج ۾ 28 پوسٽون، حيدرآباد رينج ۾ 22، ميرپورخاص رينج ۾ 8 پوسٽون ٺاهيون وڃن. خط ۾ڄاڻايو ويو ته شهيد بينظيرآباد رينج ۾ 8، سکر رينج ۾ 10، لاڙڪاڻي رينج ۾ 12 پوسٽن جي ضرورت آهي، اسپيشل برانچ ۾ هڪ، ٽريننگ برانچ ۾ هڪ، ڪرائيم اينڊ انويسٽيگيشن ۾ 2 پوسٽن جي ضرورت آهي، سي ٽي ڊي سنڌ ۾ هڪ, ڪمپلينٽ سيل سي پي او ۾ 3انٽرنل اڪائونٽيبلٽي ۾ 4 پوسٽن جي ضرورت آهي. خط ۾ ڄاڻايو ويو ته اٿارٽي ۾ 300 ڪانسٽيبلز۽ 325 ڊرائيورن جي به ضرورت پوندي، ڊي ايس پيز ڪمپلينٽ سيل لاءِ نيون ڀرتيون نه ٿينديون، سينئر انسپيڪٽرن کي ترقي ڏئي نئين پوسٽن تي مقرر ڪيو ويندو