لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي دڙي ٿاڻي جي حد پراڻي ٽئنڪ چوڪ اوور هيڊ برج هيٺان قائم هوٽل تي ويٺل عطائي ڊاڪٽر امداد شيخ کي هٿياربندن گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو. پوليس وارثن سان گڏ زخمي ڊاڪٽر کي کڻائي علاج لاءِ چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتان کيس نازڪ حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو، رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. مقتول جي گهر واري نور جهان شيخ ٻڌايو ته بلاول عرف بلو لغاري پٽ عبدالعظيم شيخ کي اغوا ڪري گم ڪيو هو، اهڙو ڪيس به داخل ڪرايو هو.هن چيو ته چڱي مڙس  محمد نواز شيخ جي ڪوششن سان عبدالعظيم واپس ٿيو،اهڙي معاملي جو فيصلو رکيل هو. بلاول عرف بلو لغاري جي ڌر وارا چون پيا ته اسان سان فيصلو نه ڪيو. هن چيو ته مڙس صبح جي وقت ڀاڄي وٺڻ لاءِ ويو جنهن کي بلاول عرف بلو لغاري گوليون هنيون. هوڏانهن  ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايچ او دڙي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ان حوالي سان ايس ايس پي ٻڌايو ته بلاول لغاري تي زخمي شهري جي 15 ورهين جي پٽ عبدالعظيم کي اغوا ڪرڻ جو الزام هو. مقتول ڊاڪٽر امداد شيخ جو ڪيس سندس چاچي پيرل شيخ جي فرياد تي ٽن جوابدارن بلاول لغاري، بخشل لغاري ۽ اڪبر لغاري مٿان داخل ڪيو ويو. هوڏانهن دڙي پوليس مُک جوابدار بلاول عرف بلو لغاري کي گرفتار ڪري ورتو.