سيوهڻ ۾ پاڻي کوٽ خلاف “رڍن اڳيان رباب” وڄائي انوکو احتجاج

0
233
سيوهڻ ۾ پاڻي کوٽ

سيوھڻ (ن پ ا) سيوھڻ شھر ۾ پاڻي جي وڌندڙ کوٽ خلاف سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي صدر درياه خان لغاري جي اڳواڻي ۾ شھر جي ڌمال چوڪ تي انوکو احتجاج ۽ علامتي بک هڙتال ڪئي

  اڳواڻن رڍون بيھاري انھن تي پبلڪ ھيلٿ کاتي جي عملدارن جا نالا لکي ۽ شرناھه وڄرائي ۽ پاڻي ناھي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا نعرا لڳايا

اڳواڻن درياه خان لغاري، اصغر سولنگي. محمد نواز رند، محمدخان سولنگي، مريد بروھي، فريد ٻگھيو، امام علي جتوئي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سيوھڻ جاشھري مسلسل ٻن مھينن کان پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااهلي سبب  پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاء تڙپي رھيو آھي ۽ اسان ٽن ڏينھن کان علامتي بک هڙتال ڪري رھيا آھيون پر پبلڪ ھيلٿ کاتي جي آفيسرن تي جون به نٿي سري.