سينيٽ چيئرمين انتهاپسندي جي روڪٿام وارو بل ڊراپ ڪري ڇڏيو

0
190

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام جو بل سينيٽ ۾ پيش، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، نيشنل پارٽي پاران مخالفت، پي ٽي آءِ طرفان احتجاج ڪيو ويو، سينيٽ چيئرمين بل تي راءِ ورتي جنهن کانپوءِ پرتشدد انتهاپسندي جي روڪٿام جي بل کي ڊراپ ڪري ڇڏيو

سينيٽ جي اجلاس ۾ بل مملڪتي وزير شهادت اعواڻ پيش ڪيو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين راءِ طلب ڪئي ته ڇا بل کي لاڳاپيل ڪاميٽي ڏانهن موڪليو وڃي؟

جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو ته هن بل ذريعي اوهان پنهنجا هٿ وڍي رهيا آهيو، هي بل سڀاڻي اسان سڀني لاءِ مصيبت بڻجندو، اهڙي قانونسازي نه ڪئي وڃي جنهن سان آئين جي ڀڃڪڙي ٿئي

نيشنل پارٽي جي طاهر بزنجو چيو ته نواز ليگ کان شڪايت آهي ته جيتري به قانونسازي ڪئي آهي ان تي اعتماد ۾ ناهي ورتو، اڄوڪي قانونسازي جمهوريت تي کليل حملو آهي، جيڪڏهن بل پيش ڪيو ويو ته اسان سينيٽ مان واڪ آئوٽ ڪنداسين

جي يو آءِ سينيٽر عبدالغفوري حيدري چيو ته اتحادين کي خبر نٿي پوي، سڀاڻي اسان سان ڇا ٿيڻ وارو آهي، حڪومت ۾ قانونسازي ڪئي ويندي آهي پوءِ ڦندو پنهنجي ئي ڳچي ۾ پوندو آهي، شڪايت ڪرڻ چاهيان ٿو ته اڄ اجلاس گهرائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، شڪر آهي ته 10 محرم تي اجلاس نه گهرايو ويو، جي يو آءِ هن بل جي مخالفت ڪندي، بل پيش ٿيو ته واڪ آئوٽ ڪنداسين

جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته هن بل جي مخالفت ڪندس، هي رڳو پي ٽي آءِ نه پر سمورين پارٽين جي خلاف آهي، بل رد ڪريان ٿو، سڀاڻي هي سمورين پارٽين لاءِ ڦندو بڻجندو

پي ٽي آءِ ميمبرن بل پيش ٿيڻ دوران ايوان ۾ احتجاج ڪيو، بل جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته حڪومت ڪري يا نه ڪري هن بل کي آئون ڊراپ ڪريان ٿو

هي به پڙهندا

پرتشدد تنظيم  جا اثاثا، پراپرٽي ۽ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويندا: بل اڄ پيش ٿيندو