پرتشدد تنظيم  جا اثاثا، پراپرٽي ۽ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويندا: بل اڄ پيش ٿيندو

0
97
پرتشدد تنظيم  جا اثاثا، پراپرٽي ۽ بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويندا: بل اڄ پيش ٿيندو
نااهلي جو مدو 5 سال:  سينيٽ ۾ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميمن واري بل منظور

سينيٽ ۾ پرتشدد اتهاپسنديءَ جي روڪٿام بابت بل اڄ پيش ڪيو ويندو، بل تحت پرتشدد تنظيم  جا اثاثا، پراپرٽي ۽بئنڪ اڪائونٽس منجمد ڪيا ويندا

تنظيم کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت به نه هوندي، پرتشدد شخص کي ڪنهن به سطح تي اليڪشن وڙهڻ جي اجازت نه هوندي

 سينيٽر مشتاق غنيءَ چيو آهي ته هي پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابنديءَ جو بل آهي، ان سان انتهاپسندي وڌندي، هن بل جي مخالفت ڪئي وڃي

 بل جي متن موجب حڪومت پرتشدد تنظيم جي ليڊر، عهديدارن ۽ ميمبرز جون سرگرميون منيتر ڪندي، پرتشدد تنظيم جي ليڊر، عهديدارن ۽ ميمبرز جا پاسپورٽ ضبط ڪندو ۽ پرڏيهي سفر جي اجازت نه هوندي

 بل جي متن موجب پرتشدد تنظيم جي ليڊر، عهديدار ۽ ميمبرز جي هٿيارن جا لائسنز رد ڪيا ويندا، اثاثا، پراپرٽي ۽ بئنڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا ويندا، بل موجب لسٽ ۾ شامل شخص کي 90 ڏينهن کان 12 مهينن تائين حراست ۾ رکيو ويندو

 بل پيش ٿيڻ کان اڳواٽ جماعت اسلاميءَ جي سينيٽر مشتاق غني بل کي خوفناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته بل جو سيڪشن 5 ۽ 6 ڊريڪونين آهي،هي بل پاڪستان تحريڪ انصاف تي پابنديءَ جو بل آهي، ڪنهن سياسي ليڊر يا  جماعت کي مائنس ڪرڻ غلط آهي، هن بل ملڪ ۾انتهاپسندي وڌندي