حق باهو درگاهه کان ايندي ٺل واسين سان حادثو، عورت سميت 4 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

0
129

ٺل (رپورٽر) حق باهو درگاهه کان ايندي ٺل واسين سان حادثو پيش آيو،  عورت سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا

حق باهو درگاهه کان ايندي ٺل واسي پانڌيئڙن سان روڊ حادثو پيش آيو، هڪ ئي خاندان جا 3 ڀاتي فوت ٿي ويا، ڪيترائي زخمي ٿي پيا

راجن پور ويجهو روڊ حادثي ۾ ياسرسومرو ، شفيق عرف شفن سومرو، نينگر شجر سومرو ۽ عورت صفيه سومرو فوت ٿي ويا، عورتن سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا

فوتين جا مڙهه ۽ زخمي مختلف اسپتالن ۾ منتقل  ڪيا ويا ، طبي امداد فراهم ڪئي وئي، فوتي ۽ زخمي ٺل جي سومرا محلي جا رهواسي آهن

هي به پڙهندا

کاهي ويجهو 3 معصوم ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، هڪ نينگري فوت