ٽنڊو غلام علي ۾ گڏهن جي عالمي پڙي، لاسي گڏهه 3 لکن ۾ وڪرو

0
367
ٽنڊو غلام علي ۾ گڏهن جي عالمي پڙي، لاسي گڏهه 3 لکن ۾ وڪرو
ٽنڊو غلام علي ۾ گڏهن جي عالمي پڙي، لاسي گڏهه 3 لکن ۾ وڪرو

ٽنڊو غلام علي ۾ گڏهن جي عالمي پڙي لڳي وئي، اعليٰ نسل جا خچر، خودا ۽ گڏهه وڪري لاءِ موجود آهن جڏهن ته خريدارن جو پڻ وڏو انگ پهتل آهي

ٽنڊوغلام علي ۾ ايشيا جي سڀ کان وڏي گڏھن جي پڙي ھڪ ڏينهن لاء شهر جي واٽر سپلاءِ جي پلاٽ ۾ لڳائي وئي آھي جنهن  ۾ اعليٰ نسل جا گڏهه، لاسي، ٽامڙي خچر ٿري ننڍا خودن، وڏا خودن  سميت مختلف نسل جا گڏھ آندا ويا آهن

ھن پڙي ۾ خريد ۽ فروخت لاءِ سنڌ، پنجاب، بلوچستان سميت ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو خريداري لاءِ پهچن ٿا، ڪراچي، لاڙڪاڻو، دادو،  بدين،  ٿر، ٽنڊولهيار ۽ ماتلي سميت ٻين ننڊن وڏن شهرن مان واپاري گذريل سال جي ڀيٽ ۾ گهٽ پهتا

واپاري پنهجي گڏھن کي سينگاري پسند جا نالا راڪيٽ ڪبوترن بجلي ۽ ھوائي رکياآهن  ان موقعي تي واپارين ٻڌايو ته ھن سال خريداري گهٽ ٿي آھي مھنگائي سبب ڪيترائي واپاري نه پهتا آھن

 پڙي ۾ مهانگي ۾ مهانگو لاسي گڏھه نجف دايي جو  3 لک رپين ۾ وڪامجي ويو