سينيٽر دلاور خان طرفان وري 8 فيبروري جو چونڊ شيڊول ملتوي ڪرڻ جو مطالبو، سينيٽ چيئرمين کي خط

0
53
سينيٽر دلاور خان طرفان وري 8 فيبروري جو چونڊ شيڊول ملتوي ڪرڻ جو مطالبو، سينيٽ چيئرمين کي خط
سينيٽر دلاور خان طرفان وري 8 فيبروري جو چونڊ شيڊول ملتوي ڪرڻ جو مطالبو، سينيٽ چيئرمين کي خط

اسلام آباد: آزاد پارلياماني گروپ جي سربراهه سينيٽر دلاور خان هڪ ڀيرو ٻيهر 8 فيبروري جو چونڊ شيڊول ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي

 سينيٽر دلاور خان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻيءَ کي خط لکي ڇڏيو، خط ۾ لکيو ويو  ته سينيٽ 5 جنوريءَ تي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ جو ٺهراءُ منظور ڪيو هو

خط ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن طرفان چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ هيل تائين ڪو به قدم نه کڻڻ پريشان ڪن آهي

 خط ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته ٺهراءَ ۾ بيان ڪيل خدشن تي ڌيان ڌرڻ گهرجي ها، ايوان جي ڪسٽوڊين طور منهنجي ٺهراءَ تي عملدرآمد جي صورتحال  معلوم ڪري 8 فيبروري تي چونڊون ملتوي ڪرائڻ کي يقيني بڻايو وڃي

جڏهن ته 5 جنوري تي چونڊون ملتوي ڪرائڻ لاءِ سينيٽ اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪيو هو، جنهن تي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي صحيح به ڪري ڇڏي هئي ۽ سينيٽ سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو هو