مريم نواز پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو

0
55
مريم نواز پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو
مريم نواز پي ٽي آءِ کي دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ڇڏيو

اوڪاڙه:نواز  ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته  اوڪاڙا کان اليڪشن مهم شروع ڪري ڇڏي آهي،  ڏکئي وقت ۾ اوڪاڙا جي عوام نواز شريف جو ساٿ ڏنو

اوڪاڙه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگرد تنظيم آهي، 8 فيبروري تي اوڪاڙا ۾ شينهن گجندو،  نواز شريف تي ظلم ڪندڙ هڪ  ڪردار انجام تي پهچي چڪو آهي

مريم نواز جو چوڻ هو ته ن ليگ ظالمن کان انتقام نه پئي وٺي، ن ليگ انتقام نه ورتو، قدرت سوموٽو نوٽيس وٺي ڇڏيو، هاڻي  استعيفيٰ تي استعيفائون اچي رهيون آهن، واويلا ڪري پيو ته چوند نشان ورتو ويو

هن چيو ته  دهشتگرد کي سياسي جماعت جو چونڊ نشان نه ٿو ملي سگهي،  انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ فراڊ به پڪڙجي پيو، نه هن جي سهولتڪاري رهي نه هن جا سهولتڪار رهيا

مريم نواز چيو ته   هن جو چونڊ نشان گهڙي هئڻ گهرجي جيڪا هن چورائي،  هن جي چوري پڪڙجي وئي پوري دنيا ڏٺو