فيض گنج پوليس پاران اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

0
68
فيض گنج پوليس پاران اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ
فيض گنج پوليس پاران اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

فيض گنج پوليس پاران راڌڻ مان مبينا اغوا ٿيل ناري کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، فيض گنج ويجهو پوليس ڪاروائي ڪئي،  راڌڻ مان اغوا ٿيل ناري  کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي

پوليس جو چوڻ هو ته ڳوٺ ڦولهڙي ۾ ميهر راڄپر جي گهر تي  ڇاپو هڻي فوزيه  ڌيءَ محب علي ڊلو کي بازياب ڪرائي ورتو

ناري پوليس آڏو بيان ڏنو ته راڌڻ مان اغوا ڪري هتي آڻي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪري ظلم ڪيو ويو

جڏهن ته فيض گنج پوليس بازياب ڪرايل راڌڻ واسڻ نوجوان ناري کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏي، عدالت ۾ ناري پنهنجي امڙ ڏانهن  وڃڻ جو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

فوزيه ڊلو چيو ته ديدار ڊلو شادي بهاني وٺي اچي وڪرو ڪيو جنهن بعد گهر ۾ قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو