مڃون ٿا ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ اوڻايون ٿيون پر هي ڪير ٿيندا آهن فيصلو ڏيڻ وارا؟: لطيف کوسه

0
78
مڃون ٿا ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ اوڻايون ٿيون پر هي ڪير ٿيندا آهن فيصلو ڏيڻ وارا؟: لطيف کوسه
مڃون ٿا ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ اوڻايون ٿيون پر هي ڪير ٿيندا آهن فيصلو ڏيڻ وارا؟: لطيف کوسه

پي ٽي آءِ اڳوڻ لطيف کوسا چيو آهي ته مڃون ٿا ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ اوڻايون ٿيون پر هي ڪير ٿيندا آهن فيصلو ڏيڻ وارا؟ پ پ ۽ ن ليگ به اهڙي قسم جي اليڪشن ڪرائينديون رهيون آهن

سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي لطيف کوسا چيو ته اسان کان مخصوص سيٽون کسيون ويون، ڇا اليڪشن ڪميشن هيڊ ماستر آهي؟، ڇا اليڪشن ڪميشن  مانيٽر ڪندو ته ڪير صدر، جنرل سيڪريٽري يا عهديدار ٿيندو؟

هن چيو ته هاڻي اسان عوام جي عدالت ۾ وينداسين، اسان کي اليڪشن ڪميشن تي اعتماد ناهي، عدالتي فيصلي سان جمهوريت تباهه ٿي آهي، مون ان قسم جي انٽرا پارٽي اليڪشن پ پ ۾ به ڪرائي

لطيف کوسه چيو ته بلاول ڀٽو ۽ منهنجي نالي تي به پ پ ۾ ڪو اميدوار نه بيٺو، پ پ ۾ جڏهن اسان انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائي ته اها بنا مقابلي واري هئي، ان ڪري جو ڪير به بلاول ۽ آصف زرداريءَ جي سامهون نه بيهي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي