پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي

0
61
پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي
پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي

پي ٽي آءِ ليول پليئنگ فيلڊ ڪيس بابت سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي، ليول پليئنگ فيلڊ بابت درخواست جي ٻڌڻيءَ دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا پارٽي جي هدايت تي درخواست واپس ورتي

 لطيف کوسا چيف جسٽس کي چيو ته اسان 25 ڪروڙ عوام جي عدالت ۾ وڃڻ چاهيون ٿا؟ اوهان جي وڏي مهرباني

 جنهن تي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لطيف کوسا کان پڇيو ته اوهان ڪيس هلائڻ چاهيو ٿا يا نه؟، لطيف کوسا ٻڌايو ته مون کي هدايتون مليون آهن ته درخواست واپس ورتي وڃي

 چيف جسٽس جواب ڏنو ته اوهان کي اسان جو فيصلو مڃڻو آهي ته مڃيو، ناهي مڃڻو ته اوهان جي مرضي، اسان جيڪو فيصلو ڪيو، ان جو ملبو اسان تي نه وڌو وڃي

هي به پڙهندا

مڃون ٿا ته انٽرا پارٽي اليڪشن ۾ اوڻايون ٿيون پر هي ڪير ٿيندا آهن فيصلو ڏيڻ وارا؟: لطيف کوسه