دبئي(دلچسپ نيوز) سون جي هيل ۽ هيرن سان سجايل دنيا جو سڀ کان مهانگو جوتو تيار، قيمت 3 ارب رپيا مقرر ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جيتوڻيڪ هڪ برطانوي ڊيزائنر سڀ کان پهرين دنيا جا مهانگا ترين 2 ڪروڙ روپين وارا قيمتي جوتا ٺاهي رڪارڊ قائم ڪيو هو پرهاڻ سندس اهو رڪارڊ ٽٽي چڪو آهي ڇاڪاڻ ته هن ڀيري اٽالين ڄائي گڏيل عرب امارتن جي ڊيزائنر برطانوي ڊيزائنر جو رڪارڊ ٽوڙيندي دنيا جو سڀ مان مهانگو جوتو تيار ڪري ورتو آهي، اٽلي سان تعلق رکندڙ اماراتي ڊيزائنر انتونيو وانتري دنيا جو سڀ کان مهانگو جوتو ٺاهي نئون رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.برطانوي فيشن ميگزين موجب انتونيو وانتري طرفان تيار ڪيل جوتن ۾ جتي خالص سون ۽ هيرن کي استعمال ڪيو ويو آهي، اتي ئي ان ۾ ناياب شهابي پٿر کي پڻ سجايو ويو آهي.رپورٽ موجب انتونيو وانتري طرفان ٺاهيل عورتن جي جوتن جي قيمت هڪ ڪروڙ 90 لک آمريڪي ڊالر يعني پاڪستاني تقريبن 3 ارب روپيا آهي.اٽالين ڄائي اماراتي ڊيزائنر طرفان ٺاهيل جوتن جي هيل نج سون جي آهي جنهن جي ڊيزائن دنيا جي سڀ کان مٿانهين امارت برج خليفا سان ملندڙ جلندڙ آهي.دنيا جي سڀ کان مهانگن انهن جوتن ۾ 30 قيراط هيرا پڻ جڙيا ويا آهن