دبئي(دلچسپ نيوز) پاڻي ۾ ترندڙ سمارٽ پوليس اسٽيشن تفريح جو مرڪز بڻجي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب دبئي ۾ کليل ان جديد پوليس اسٽيشن لاءِ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي وئي آهي جڏهن ته ماڻهو ان خوبصورت پوليس اسٽيشن کي ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا آهن، سمارٽ پوليس اسٽيشن دبئي ۾ رهندڙن کي پنهنجون خدمتون به پيش ڪري رهي آهي ان حوالي سان پوليس اسٽيشن جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته جي ٽيڪس ٽيڪنالاجي ۾ دنيا جي اها پهرئين پاڻي تي ترندڙ اها پوليس اسٽيشن آهي جنهن جو باضابطا افتتاح ٿي چڪو آهي، دبئي پوليس اسٽيشن جي تياري لاءِ ڪلينڊنسٽ گروپ حصيداري مهيا ڪئي آهي.ان موقعي تي گروپ جي عهديدار بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سمارٽ پوليس اسٽيشن دبئي ۾ رهندڙن کي وڏي پيماني تي پنهنجون اي پوليس خدمتون پيش ڪندي، سمارٽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري خوشي محسوس ٿي رهي آهي ۽ عوام جي حفاظت به ضروري آهي،