سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڊليٽ ڪرڻ لاءِ سوچيندي آهيان:صبور

0
252

ڪراچي (شوبز نيوز)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي باصلاحيت اداڪارا صبور علي چيو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن منهنجي دل چوندي آ سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيان.پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي مقبول اداڪارا سجل علي جي ڀيڻ ۽ ورسٽائل اداڪارا صبور علي چيو ته سوشل ميڊيا تي توهان ڀلي ڪجهه سٺو پوسٽ ڪيو يا خراب، ماڻهن کي تنقيد لازمي ڪرڻي هوندي آهي.هن چيو منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ذاتي زندگي کي سوشل ميڊيا تي شيئر نه ڪيان ته جيئن ماڻهن جي تنقيد کان بچي سگهان ۽ رڳو هاڪاري شين کي ئي پوسٽ ڪيان.سندس چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جي تنقيد سان ڏاڍو ڏُک ٿيندو آ، مان اهڙين ڳالهين تي گهڻو ڌيان ناهيان ڏيندي پر ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان ته سوشل ميڊيا جا سمورا اڪائونٽ ڊليٽ ڪري ڇڏيان.