بلال اشرف ۽ مايا علي موسٽ فلم اداڪار ۽ اداڪارا جا ايورڊ ٻهاري ويا

0
178

لاهور (شوبز نيوز) ڀلوڙ اداڪار بلال اشرف ۽ من موهڻي اداڪارا مايا علي موسٽ فلم اداڪار ۽ اداڪارا جا ايورڊ ٻهاري ويا. لاهور ۾ هڪ خانگي ٽي وي پاران منعقد ڪيل تقريب ۾ 19 ڪيٽيگريز ۾ اداڪارن، اداڪارائن ۽ فلم ۽ ٽي وي ڊرامن ۾ پنهنجي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا ويا. بلال اشرف ۽ مايا علي کي موسٽ فلم اداڪار ۽ اداڪارا جا ايورڊ ڏنا ويا جڏهن ته عماد عرفاني، نوشين شاهه، شمعون اسماعيل، حسين لهري، گٽي آرا، ياسرعزيزڊار، ازن ملڪ، ايم ايچ ايم ۽ ارشدخان کي به ايوارڊ مليا، خوشال خان، سيد حسين، عمران راجپوت، ڊيمي ڪوچيو، حسين ريهار، شهلا چتور،عمران راجپوت ۽ آمنه چوڌري به ايوارڊ ماڻيندڙن ۾ شامل آهن جڏهن ته ثروت گيلاني، فهد مرزا، مومل شيخ، ڪرشمه علي کي به ايوارڊن سان نوازيو ويو. ان کان اڳ ريڊ ڪارپٽ پڻ وڇايو ويو جنهن ۾ اداڪارائن خوبصورت لباس پهري جلوا ڏيکاريا، ريڊ ڪارپٽ تي ماياعلي، ريشم، عليزي شاهه، آئمه بيگ، عروا حسين، عائشه عمر، ناديا حسين ۽ ٻين اداڪارائن جلوا ڏيکاري داد وصول ڪيو.