آمريڪا بگرام هوائي اڏو اڌ رات جو بغير ٻڌائي خاموشي سان خالي ڪري ڇڏيو

0
213

ڪراچ(م ڊ) آمريڪا بگرام هوائي اڏو رات جي پيٽ ۾ بغير ٻڌائي خاموشي سان خالي ڪري ڇڏيو ۽ امريڪي فوج روانگي جي وقت هوائي اڏي جون روشنيون بند ڪري ڇڏيون ۽ ان بابت نئين افغان ڪمانڊر کي آگاهه به نه ڪيو ويو، افغان فوجي عملدارن جو چوڻ آهي ته هوائي اڏي جي نئين ڪمانڊر کي امريڪي فوج جي وڃڻ کانپوءِ 2 ڪلاڪن کانپوءِ خبر پئي، افغان ڪمانڊر جنرل مير اسد الله ڪوهستاني خبر جي تصديق ڪندي چيو آهي ته امريڪي خابرو ادادري ٻڌايو ته جڏهن اسان ٻڌو ته امريڪي فوج بگرام هوائي اڏو خالي ڪري ڇڏيو ته اسان ان کي افواهه سجهيو پر صبح 7 وڳي جي ويجهو خبر پئي ته امريڪي واقعي وڃي چڪا آهن، افغان فوجي عملدارن جو چوڻ آهي ته امريڪي فوجي جي بگرام اڏو ڇڏڻ کانپوءِ اتان جي هٿياربندن وڏي پيماني تي ڦرلٽ ڪئي، جيڪڏهن امريڪي اهلڪار هوائي اڏو خالي ڪرڻ جو پهريان ٻڌائن ها ته ڦرلٽ کان بچي سگهجي پيو.