سنڌ سطح جي ضلعي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ لاءِ شيڊيول پڌرو، 12 جولاءِ کان مقابلا

0
265

شھدادپور ( رپورٽ: عبدالحميد کوسو) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران سنڌ ليول تي ٽورنامنيٽ ڪرائڻ لاءِ رانديگرن جا ٽرائلز مڪمل ٿيڻ بعد ضلعي جي سينئر ٽيمن لاءِ رانديگرن جي اعلان بعد ميچز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، سانگھڙ جي سينئرز ٽيم ڪوٽڙي جي ميدان تي 13 جولاءِ تي ڪراچي زون سان مدمقابل ٿيندي. سانگهڙ جي ٽيم ۾ عبدالرئوف انور علي، عاقب جاويد، عاصم زبير، احتشام محبوب الاهي، حامد محمد صالح، عبدالرئوف پنهون خان، جان علي، جنيد راحيل اياز، سلمان الياس، محمد اسحاق، محمد سعد خان، منيب الرحمان، منور شام، نصير علي، قربان علي لاکو، رائو ساجد علي، صابر علي، رميز اعجاز، وقار پير بخش ۽ زاهد اختر شامل آهن. پي سي بي پاران ميچز جا شيڊول جاري ڪرڻ بعد سانگهڙ جي ٽيم جي چونڊيل رانديگر شھدادپور جي عبدالسلام ٿهيم اسپورٽس ڪامپليڪس تي ڀرپور تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. سانگھڙ ضلعي جي ٽيم لاءِ مقرر ڪيل ڪوچ ڪاشف پرويز چونڊيل رانديگرن کي پريڪٽس سان گڏ ڪرڪيٽ جي سکيا ڏيڻ ۾ مصروف آهي، جڏهن ته رانديگر پڻ پرجوش آهن. سانگهڙ ضلعي جي رانديگرن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي ڪوچ جي نگراني ۾ محنت ڪري رهيا آهن ڪيل محنت جي بدولت ڪرڪيٽ راند ۾ ڪاميابي ماڻي شھدادپور توڙي ضلعي سانگهڙ جو نالو روشن ڪندا. سانگھڙ ضلعي جي ٽيم ڪراچي کان پوءِ بدين، ڄامشورو، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي ٽيمن سان زور آزمائيندي.