سوال/سروي … ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ڪم شروع ناهي ٿيو نه ئي ڪا سروي ٿي آهي، سفارشي لسٽون ٺهن پيون: عوام

0
597

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اوھان جي علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم شروع ٿيو آھي؟ اوھان جي علائقي ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي ٿي آھي يا نه؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته سروي يا بحالي جو ڪم شروع ناهي ٿيو، ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي، سروي ۾ اهو به چيو ويو ته ٻوڏ متاثرن جي جيڪا سروي ٿي آهي ان ۾ به مخصوص ماڻهن جي لسٽ ٺاهي پئي وڃي، سفارش هلي ٿي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ورڪشاپ ويجھو ڳوٺ ھيبت شر ۾ سروي ته ٿي آھي پر زندگي ۾ شايد سروي ئي نصيب ٿيندي اسان وٽ ھڪ لنڪ روڊ جي ٺاھڻ لاءِ 17 سال اڳ ھڪ سروي ٿي ھئي،

عظمت الله ٻرڙو لکيو ته اسان جي علائقي ڪنڌرا ۾ سروي ته هلي پر افسوس سان صرف هڪ سياسي جماعت جي ماڻهن ۽ من پسندن جا فارم ڀريا پيا وڃن، عبدالله سومرو لکيو ته ميهڙ تعلقي ۾ برسات ۽ جابلو علائقن مان آيل ٻوڏ جي پاڻي 17 يونين ڪائونسلن کي متاثر ڪيو جنهن کي هن وقت تقريبن 2 مهينا گذرڻ باوجود اڃا تائين 12 يونين ڪائونسلن ۾ ٻوڏ جو پاڻي 3 کان 5 فوٽن تائين بيٺل آھي، سروي ڪرڻ واريون ٽيمون وڏيرن جي بنگلن تي لسٽون تيار ڪري رهيون آھن، شهزاد ڀٽي لکيو ته  ڳڙهي خيرو جي يونين ڪائونسل الله آباد ۾ اڃا ڪم شروع نه ٿي سگهيو آهي ڪجهه هنڌن تي صرف گهرن کي پهتل نقصان لکيو پيو وڃي، خاموش خليل شر لکيو ته اين جي اوز وارا سروي ڪري ويا آھن پر خبر ناهي ان بعد ڇاٿيو؟ اعظم سهرياڻي لکيو ته ڏهرڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات تباهي مچائي آھي، فصل مڪمل تباهه ٿي ويا،باقي جيڪڏهن ڳالهه ڪجي سروي جي ته هتي سروي به سفارش تي ٿيندي آھي ۽ هاڻي سفارش تي سروي ۾ انهن ماڻهن جا نالا شامل ڪيا وڃن ٿا جيڪي ڀوتارن وڏيرن، وزيرن، مشيرن جاگيردارن جا ماڻهو آھن،

ڀلي انهن جو نقصان نه به ٿيو آھي ته انهن جي سروي ڪري انهن جا نالا شامل ڪيا پيا وڃن. ساجد حسين لکيو ته وڳڻ ۾ سروي ٽيم جا ڪلور في گھر ھزار رپيو مقرر آهي، ھوڏانھن ڀوتارن جي ماڻهن پنهنجا گهر سروي ڪرائي ڇڏيا آهن، موهن لال لکيو ته يوسي ڊينگاڻ ڀرڳڙي ۾ سروي ٽيم پهچي وئي آهي ڪالھه کان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايس ڊي بلوچ لکيو ته سڀ ڳوٺ سروي ٿين پيا پر افسوس اسان جو ڳوٺ عيسب خان بليلاڻي ۾ هن وقت تائين نه چيئرمين ظاهر ٿيو نه مختيار ڪار نه وري تپيدار، امير بخش چاچڙ لکيو ته مانجهند ۾ اڃا ته صرف ٻڌون پيا ته سروي ٿيندي پوءِ بحالي ٿيندي، شهمير جمالي لکيو ته سڪرنڊ جي اڪثر يونين ڪائونسلن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي سروي ڪرڻ بجاءِ ذميوار عملو آفيس ۾ ويھي پاڻي ڪڍڻ جا بل پيو ٺاھي، راجا انور لکيو ته اسان جو تعلقو ميهڙ تعلقي جي ڪاڇي واري علائقي درگاھ شاھ گودڙيو سان آهي جتي اڃان تائين بحالي وارو ڪم شروع نه ٿيو آهي ۽ نه ئي ڪابه سروي وغيره شُروع ٿي آهي، قيصر مري لکيو ته ڪائي سروي ناھي ٿي ڳوٺ لعل بخش مري گوٺ جمال دين سولنگي تعلقي ڀرياسٽي ضلعو نوشھروفيروز ۾، ساجد کوسو لکيو ته ڪي اين شاھ جي يوسي ڇنڊڻ جا ٻوڏ متاثر گھر ڊھي/ٻڏي وڃڻ سبب ٻن مھينن کان کليل آسمان ھيٺ بي يارومددگار ٿي سخت گرمي بک ۽ مختلف بيمارين سبب سخت پريشانين کي منھن ڏئي رھيا آھن ، ھينئر تائين ايم اين اي عرفان ظفر لغاري ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ڊي سي دادو مختيارڪار ڪي اين شاھ سميت ذميوارن پاران ڪنھن به قسم جي مدد نه ڪئي وئي، راشد علي کهاوڙ لکيو ته ڪنڊيارو ۾ برسات متاثرن جي بحالي لاءِ انتظاميا پاران ڪي به اپاءَ ناهن ورتا ويا جلد سروي وارو عمل شروع ڪيو وڃي،

زوار منصور مڱڻهار لکيو ته تعلقي ٺري ميرواهه جي يوسي محسن شاهه جي ننڍڙي ڳوٺ الاهي بخش مڱڻهار ۾ اڃا تائين ڪابه سروي ٽيم نه پهتي راشن به من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته اسان جي تعلقي ٺري ميرواھ ۾ ٻوڏ متاثر علائقن 8 کان 10 فوٽ گھرن روڊن رستن تي پاڻي بيٺل آهي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪا سروي نه ٿي آهي، ظفر علي شر لکيو ته يوسي اڪري ڳوٺ جلال الدين ۾ ڪا به سروي نه ٿي آهي، زوهيب لاڙڪ لکيو ته منهنجو ڳوٺ واڍاموري آهي جيڪو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ واقعي آهي اتي تباهي باوجود سروي ناهي ٿي، عبدالسبحان سنڌي لکيو ته ڪشمور ضلعي جي ڳوٺن ۾ سروي ناهي ٿي، شهزاد ابڙو لکيو ته فصلن ۽ جانورن جو به گهڻو نقصان ٿيو آهي، نونداڻي شهزاد لکيو ته اسان جي ڳوٺ صاحب خان نونداڻي ۾ سروي ٿي آھي پر ڳوٺ جي وڏيرن جي گھرن جي ۽ سندن من پسند ماڻھن جي گھرن جي، عمران علي بلوچ لکيو ته نئون ڪوٽ شھر جي آس پاس روڊ ڪناري ويٺل ماڻھن کي بي گهر ڏسڻ جوڳو ناهي، اخلاق احمد لکيو ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي ۾ هن وقت تائين سروي ته شروع ٿي چڪي آهي پر ڏسڻو اهو آهي ته ڇا اتي سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪيترو رليف ڏئي رهي آهي گهر گهر سروي ته ڪيو ٿو وڃي پر ٿيل نقصان جو حڪومت 100سيڪڙو مان 5 سيڪڙو به پورائو نه ڪري سگهندي، الياس سومرو لکيو ته فارميلٽي تحت گھڻو ڪجھه ٿيل آهي پوري ٺٽي ضلعي ۾، غلام قادر زرداري لکيو ته يوسي انڙپور تعلقو مانجهند ۾ ڳوٺ صوبدار خاب زرداري ۾ سفارش هلي ٿي، محمد صفر ڇٽو، راشد علي، عبدالرحمان چانگ، امتياز بالادي، عرفان سندراڻي، مظهر خاصخيلي به سروي ۾ حصو ورتو، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ سروي شروع ڪئي وئي آهي، عرفان ملاح لکيو ته فيض گنج تعلقي ۾ حڪومتي نمائندا يا ڪو بالا آفيسر اڄ ڏينهن تائين ناهي آيو،

اڪبر علي لکيو ته باڊهه ۾ ڪم ناهي ٿيو، انعام الله لکيو ته ڪنڌڪوٽ تعلقي جي ڳوٺ گاھي خان ڀيو ۾ ھن وقت تائين پاڻي بيٺل آهي، علي خان لکيو ته ميرپورخاص جي ڳوٺ صديق شر ۾ سروي ٿي آهي پر سفارشن تي ڪم هلي ٿو، طاهر عزيز سادات حسن لاڙڪ ، الهڏتو به سروي ۾ حصو ورتو، نديم انڙو لکيو ته خانواهڻ ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ حڪومت جي طرف کان ڪا به سهولت ناهي ڏني وئي، غلام اڪبر کوسو به لکيو ته سروي ناهي ٿي، شفقت جروار لکيو ته بدين ضلعي جو ڊي سي چوي ٿو بدين ۾ هتي نه سروي ٿي نه امداد ملي، عبدالمجيد لکيو ته اسان وٽ سروي شروع ناهي ٿي، عامر جمالي لکيو ته اسان وٽ ڦلجي وليج ۾ سروي ناهي ٿي، مصطفيٰ فاروق مهر لکيو ته لکي غلام شاهه ۾ سروي مڪمل ٿي وئي آهي، عرفان ڪيريو، مولابخش، شوڪت نهڙيو، فدا حسين خاصخيلي،علي گوهر ڪٻر به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالقدير لکيو ته ضلعي سانگھڙ تعلقه شھدادپور ڳوٺ سونچڙي ڀڙو ۾ نه سروي ٿي آهي نه بحالي جو ڪم ٿيو آهي، ناصر علي اڄڻ لکيو ته اسان جو شهر ڀريا روڊ آهي. هتي اڃا پاڻي بيٺل آهي، الاهي بخش چانگ لکيو ته ڪجهه نه ٿيو آهي،ذيشان جسڪاڻي لکيو ته تعلقو پنوعاقل ضلعو سکر ڳوٺ قائم جسڪاڻي ۾ ڪائي سروي ٽيم ناھي پھتي، اعجاز کوسو لکيو ته شڪارپور يوسي جاڳڻ ۾ بااثرن جا ڳوٺ سروري ٿي ويا باقي غريب ڏي ڪوئي ڏسي ئي نٿو مختلف ڳوٺ جنهن ۾ ڳوٺ مبارڪ کوسو ڳوٺ پير جان کوسو ڳوٺ مير حسن کوسو ۽ ڪافي ڳوٺن جي سروي نه ٿي سگهي آهي، شبير احمد سهتو لکيو ته اڃا تائين ڪجهه به ناهي ٿيو، محمد مٺل، محمد ناظم لاشاري، غلام حيدر لاکو، صدام بلوچ، شڪيل احمد، آصف علي، شاهزيب نهڙيو،  به سروي ۾ حصو ورتو.

سرفراز نقوي لکيو ته يوسي محبت ديرو جتوئي تعلقي ڪنڊيارو ۾ نه سروي ٿي آهي، عبدالوحيد بلوچ به سروي ۾ حصو ورتو، فاروق احمد لکيو ته ٽنڊوقيصر ضلع حيدرآباد ۾ اڃا سروي ٽيم  نه آئي آهي، عاشق ڀٽي لکيو ته اسان جي ڳوٺ ميرخان ڀٽي ۾ اڃان تائين 4 فٽ پاڻي بيٺو آهي بحالي يا سروي جو ڪم ناهي ٿيو، ذيشان حيدر رند لکيو ته اسان جي ڳوٺ خيرو رند شهدادپور ۾ سروي ناهي ٿي، تنها سجاد شورو لکيو ته يوسي خانوٺ ۾ سروي ڪم شروع ٿي نه سگھيو آهي، رياض، امتياز بالادي، عبدالغفار جويو، رفيق جهتيال، غلام فريد هاليپوٽو، بخش علي سومرو، قدير حسين، شهزاد ابڙو، محمد نواب بروهي، عثمان سنڌي، جاويد ڀڏو، ظفر لنڊ به راءِ جو اظهار ڪيو، منٺار علي لغاري لکيو ته اسان جي علائقي ۾ سروي هلي ٿي باقي بحالي لاءِ ڪو به ڪم ناهي ٿيو ، ساحل ميگهواڙ لکيو ته سروي لاءِ آيا هئا، اصغر ننڌو لکيو ته کورواهه ۽ ڀرپاسي سروي هلي ٿي، گلزار خشڪ لکيو ته سروي واري فارميٽي تعلقو گھوڙاٻاڙي خوب هلي پئي،، حاجي خان پنهور لکيو ته اڃان تائين ته رڳو وڏيرن ڀوتارن جي گهرن جي شايد سروي ڪئي پئي وڃي، بشير خان، شاهد سومرو، علي عباسي، گل شير چانڊيو، شنڪر لال، سعيد سندراڻي، وزير پنهور، محمد نواز، الله بخش به سروي ۾ حصو ورتو، شيراز احمد لکيو ته ٽنڊو غلام حيدر ۾سروي اھڙي خاص ناھي،

ارشاد مستوئي لکيو ته اسان ڳوٺ صوڀو خان مستوئي جهنڊومري ۾ ڪابه سروي ٽيم اڃا تائين ڪانه آئي آھي، ڄام مري لکيو ته اسان جي ديه لائق پير تعلقو سنڌڙي ڳو ٺ واحد بخش ۾ بحالي جو ڪم ناهي ٿيو، محمد اسماعيل منڱريو لکيو ته اسان وٽ اڃا پاڻي بيٺل آهي، منور علي زئور لکيو ته پنهنجا نواز هلي رهي آهي، عاشق حسين، حبيب الله حبيب به راءِ جو اظهار ڪيو، رحمان چانڊيو لکيو ته تعلقو نارو ضلعو خيرپور ڳوٺ محمد مٺل چانڊيو جي مالڪي ناهي، سهيل عارباڻي، فقير گهمڻ، عزيزالله شر، شاڪر کوسو، رياض حسين سندراڻي، علي اڪبر چانڊيو، اصغر اڄڻ، پيربخش چانڊيو، علي حاڪم، سائين بخش جمالي، محسن ملاح، حق نواز بلوچ، عرفان شر، سليم ڪمار ڀيل، قاسم گبول، شوڪت بلوچ، محمد خان راڄپر، وزير خاصخيلي، ايم اي حليم سنڌي، عطا محمد جمالي، صابر علي، محمد ميرڻ جکراڻي، شمن ميمڻ، بشير احمد مڱڻهار، عبدالنبي، سيد علي اصغر بخاري، عبدالمالڪ لاشاري، ظفر حسين، آر ڪي بگٽي، عنايت الله عنايت، دامن خان، عبدالغفار، فقير محمد، زوهيب رحمان، سجاد احمد، جميل احمد ٿيٻو، رئيس محمد، سرفراز، اسرار جوڻيجو، گل حسن قمبراڻي، محمد نواز ملاح، ماروف سمون، فهيم حسين، رسول بخش بروهي، اڪرم مري، رحمت الله شر، رحمان سيال، صدام سنڌو، عطامحمد شر، باغي مظھرالسنڌي، ثناءُالله چنا، نادر علي خان، مظفر عزيز ملاح، نادر علي خان، ساگر علي رضا، محمد زبير جمالي، قادر شر، غلام رضا مري، فرحان جمالي، جنيد زرين بلوچ، علي چنا، ساگر ديو مل، اياز اڪبر شر، ڊاڪٽر خليق زمان، آڪاش پنهور، منٺار شاهاڻي، علي بلوچ، غلام رضا راڄپر، ديناءِ حسن، محبوب اسرار، علي عرفان، نديم، اصغر اڄڻ، عرفان ڪيريو، منظور بلوچ، محمد علي ميڻو، درمحمد ڪلهوڙو، وقار حسين، جاويد احمد شر، سڄڻ فقير سهتو، اياز مير، ولي محمد رڏ.ذوالفقار ٻگهيو، خير محمد جاڙو، اختر جمالي، همٿ علي چانڊيو، منير حسين جت، جاويد ڏاهري ۽ ٻين به سروي ۾ حصو ورتو.