سوال/سروي ملڪ ۾ موجوده حالتن جو ذميوار عمران خان آهي، سياستدانن کي ملڪ جو سوچڻ گهرجي: عوام

0
112
سوال/سروي ملڪ ۾ موجوده حالتن جو ذميوار عمران خان آهي، سياستدانن کي ملڪ جو سوچڻ گهرجي: عوام

ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سريلنڪا جهڙي صورتحال گهڻو پري ناهي، عوام روڊن تي ايندو، رياستي ادارا ڪيستائين مافياز کي ملڪ لٽڻ ڏيندا؟ عمران خان جي ان بيان کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته ملڪ ۾ جيڪي حالتون آهن انهن جو به ذميوار عمران خان آهي، سياستدانن کي ملڪ جو سوچڻ گهرجي، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته ملڪ جي ان حالت جو ذميوار به ته عمران خان آھي باقي ھي سب ڪجهه شھباز وارن سئو ڏينھن ۾ ته نه ٿيو آھي، عابد ڀٽي لکيو ته عمران اهڙا بيان ڏيندو رهي ٿو اهڙن بيانن سان ڪجھه ڪونه ٿيندو باقي ملڪ جون حالتون خراب آهن،صدام پيرزادو لکيو ته عمران خان حڪومت ۾ ھو ته ڇا ڪيو ھي سياسي بيان آهي ان سان ڪجهه نه ٿيندو رھي ڳالهه ھلندڙ حڪومت جي ان کي پاڪستان جو سوچڻ گهرجي پاڪستان پوئتي ٿيندو ٿو وڃي معيشت جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿيندي پئي وڃي وقت سر حڪومت کي سوچڻ گهرجي. وقار حسين لکيو ته الله سائين خير ڪري باقي ڪير به وطن عزيز جو سڄڻ نه ٿو لڳي، راسومل لوهاڻو لکيو ته عمران خان جو هي سياسي بيان آهي هن وري پنهنجي دور ۾ ڪهڙيون کير جو نديون وهايون هيون،

حاڪم ڪٽوهر لکيو ته بلڪل عمران خان جون ڳالهيون درست آهن واقعي حالتون سريلنڪا جهڙيون نظر اچن پيون، عنايت بروهي لکيو ته حقيقت ۾ حالتون خراب ٿينديون پيون وڃن۔اقتدار جي حوس ۾ ڪير به ملڪ لاءِ نه ٿو سوچي، عوام بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھي،سرينلڪا پري پر ماڻھوسائوٿ آفريڪا جيان گاھ کائڻ تي مجبور ٿيندا. محمد عمر دل لکيو ته عمران خان جا اھي سياسي بيان آھن پاڻ جڏھن حڪومت ۾ ھو ته ڪھڙو عملي ڪم ڪيائين صرف اقتدار جي سياست ھلي پئي، ملڪ لاءِ سڀني سياسي جماعتن کي گڏ ٿي ڪو لائحه عمل جوڙي ھن سنگين معاشي صورتحال مان ٻاھر ڪڍڻو پوندو اقتدار کان ملڪ وڌيڪ عزيز آهي انھي کي بچائڻ لاءِ سڀني کي سوچڻو پوندو. باغي مظھرالسنڌي لکيو ته حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته پاڪستان جو گھڻي ۾ گھڻو عوام عمران کي ٿو چاھي عمران جي سڏ تي عوام موٽ به سٺي ڏيندو آھي، جيڪڏھن عمران چاھي ته عوام ذريعي سريلنڪا جھڙي صورتحال پيدا ڪري به سگھي ٿو ۽ ان کان علاوهه اتحادي حڪومت اڳ ئي عوام جي نظر ۾ پڌري ٿي چڪي آهي عامر کوسو لکيو ته عمران خان جو اهو بيان بلڪل ملڪ دشمني آھي هنن جي  گندي سياست جي ڪري ملڪ تباهه ٿي رهيو آھي،

نعمت الله خان نهڙي لکيو ته بلڪل عمران خان جو بيان صحيح آهي، ڊالر جي تيز اُڏام آهي ملڪ هنن کان سنڀالجي ڪونه ٿو صرف عهدا کڻڻ جي چڪر ۾ آهن، عثمان خان لکيو ته عمران خان يوٽرن جو ماھر آھي ھي اھڙا بيان ڏيندو رھندو آھي سريلنڪا جهڙيون حالتون ناهن. رياض سولنگي لکيو ته حالتون اهڙيون ناهن اهڙا بيان ايندا رهندا آهن جڏهن پي ڊي ايم حڪومت ۾ نه هئي ته اها به اهڙ بيان ڏيندي رهي آهي، سيف لکيو ته اسان سمجهون ٿا ته هتي جيڪا صورتحال آھي اتي سرنيڪا جهڙا حال ٿيندو، فياض  احمد لکيو ته اسان جي ملڪ ۾ حق سچ جو نالو رهيو باقي هتي حق سچ ڪونه رهيو، قربان ديناري لکيو ته ٿي سگھي ٿو ڇو ته امپورٽڊ حڪومت تي عوام ناراض آھي عمران سان عوام جو سمنڊ گڏ آھي عمران خان جو بيان بلڪل سچ آھي، علي گوهر سومرو لکيو ته اهو اجايو بيان ڏنو آهي، اياز علي راهوجو لکيو ته سريلنڪا جھڙي حالت ھڪ دفعو ٿيڻ گھرجي عوام جو حشر به تمام خراب آھي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته بلڪل عمران خان جو بيان صحيح آهي، ڇو جو هي ڪرپٽ مافيا  جي حڪومت آهي حڪومت صحيح ڪونه هلندي ملڪ کي عمران خان جي ضرورت آهي، قربان عالياڻي لکيو ته عمران خان جون ڳالهيون صحيح آھن، جيڪڏهن موجوده امپورٽڊ حڪومت هوندي ته سريلنڪا کان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، ماڻھو بک وگهي روڊن تي ايندا، گلاب غازي لکيو ته عمران صرف اھڙا بيان ڏئي سگھي ٿو باقي ملڪ جي حالت بھتر ناھي جيڪا عمران خان جي حڪومت ھوندي به بھتر نه ھئي سريلنڪا جھڙيون حالتون ٿين اهڙو معاملو هتي ناهي،

موهن لال لکيو ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانيو پرويز الاهي کي وزير اعليٰ پنجاب مقرر ڪرڻ لاءِ آهي باقي ملڪ مالي مشڪلاتن ۾ ضرور پر سريلنڪا جهڙي صورتحال پيدا مشڪل ٿئي، خاموش خليل شر لکيو ته عمران خان جي بيان ۾ ته صداقت آهي پر عوام به ڪا چرپر ڪري نه، شنڪر لال لکيو ته عمران خان جون ڳالهيون درست آهن سريلنڪا جهڙيون حالتون ناهن، محمد علي لکيو ته اهڙا بيان ملڪ خلاف آهن، ضمير حسن وڌو لکيو ته جڏھن کان وٺي نيازي ڌرڻا شروع ڪيا، حڪومت ڪئي ۽ وري فتنا شروع ٿي ويا،20 ھزار ارب قرض کنيائين ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيائين اڃان به بس نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته ھن کي مڪمل ھن ملڪ جي تباھي ڪرڻي آھي۔ ۽ ادارا به ان ڪم ۾ ھن سان ٻڌل آھن، انيس معاويه جتوئي لکيو ته اھا بلڪل ظاھر ڳالهه آهي ڊالر ڪٿي پھتو آهي مھانگائي آسمان سان ڳالهيون ٿي ڪري معيشت تباھ ٿي وئي ملڪ بھران جو شڪار آهي شهباز علي ماڃوٺو لکيو ته ھينئر جيڪا صورتحال آهي ان حساب سان ته عوام روڊن تي ضرور ايندو ۽ ملڪ ۾ عمران خان جا سپوٽر گھڻا آهن شايد ائين به ٿي سگهي ٿو ته پنجاب ۾ وزير اعليٰ پرويز الاھي ٿي ويو ته عمران کي گهڻو فائدو ٿيندو ۽ عمران عوام کي وٺي ڪري پنجاب طرف نڪري اچي سگهي ٿو،

عنايت الله راهمون لکيو ته ملڪي حالتن جا ذميوار اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه آهن، نويد ناز لکيو ته حڪومت کان اگر تيل ۽ ڊالر تي ڪنٽرول نه ٿيو ته پوءِ اها پڪ آھي ته پاڪستان جون حالتون سريلنڪا کان بدتر ٿينديون ممتاز علي ڪلهوڙو لکيو ته سندس دور ۾ حد کان وڌيڪ مھانگائي ۽ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ چوندڙ عمران خان عوام لاءِ ڇا ڪيو ،نارائڻ داس به سروري ۾ حصو ورتو، تيجو مل سوٽھڙ ھنسراجاڻي  لکيو ته مالڪ رحم ڪندو، سنتوش ڪمار لکيو ته عمران پاڻ ساڍا ٽي سال حڪومت ڪري سريلنڪا جھڙيون حالتون پيدا ڪريو ويو هاڻي اپوزيشن جو ڪم آهي مخالفت ڪرڻ ، حافظ آزاد سهندڙو لکيو ته ملڪ ۾ بچيو ڪجهه ناهي سڄڻ ڪوئي به ناهي سڀ پنهنجي مفادن جي جنگ وڙهي رهيا آهن ملڪ جو ڪنهن کي به احساس ناهي،سليم رضا لکيو ته عمران خان جون ڳالهيون صحيح آھن جيڪڏهن موجوده امپورٽڊ حڪومت هوندي ته سريلنڪا کان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي، ماڻھو بک وگهي روڊن تي ايندا، ميانداد مري لکيو ته حالتون اهڙيون نه آهن، عنايت الله ڀرڳڙي لکيو ته بلڪل وقت پري ناهي اسان جا حڪمران اربين رپيا کڻي ٻاهر ڀڄي ويندا،  جنيد بلوچ لکيو ته عوام کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو، محمد خالد ميمڻ لکيو ته ڪنهن به سياستدان کي عوام جي تڪليفن دردن مشڪلاتن جو ڪوبه فڪر ناهي سڀني کي بس اقتدار کپي، مير خان مگسي لکيو ته لکيو ته عمران خان تي ڪهڙو اعتبار ڪجي، بشير ميراڻي لکيو ته عمران خان خود ملڪ جي تباهي ڪري ڇڏي هاڻي واڳون جا ڳوڙها ڳاڙي رهيو آهي، رياض ڪولاچي لکيو ته عمران خان سچو آهي، نماڻو نوناري لکيو ته  لکيو ته حالتون سريلنڪا جهڙيون آهن،وحيد مستوئي لکيو ته رڳو عوام کي پريشان پيا ڪن پاڻ سڌا لڳا پيا آھن.