اشو آف دي ڊي/ڪراچيءَ ۾ لڏي اچڻ جا فائدا: سنڌين کي وڌ ۾ وڌ ڪراچي اچڻ گهرجي

0
124
اشو آف دي ڊي/ڪراچيءَ ۾ لڏي اچڻ جا فائدا: سنڌين کي وڌ ۾ وڌ ڪراچي اچڻ گهرجي

 سوشل ميڊيا تي مهم هلائي پئي وڃي ته سنڌين کي ڪراچي جو رخ ڪرڻ گهرجي ڪراچي ۾ روزگار جا گهڻا موقعا آهن اتي اچي آباد ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ايڊووڪيٽ الطاف احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

ڪراچيءَ ۾ لڏي اچڻ جا ڪجھه فائدا:

۱) لڏي ايندڙ فرد آھستي آھستي ڪنھن نه ڪنھن روزگار سان لڳي وڃي ٿو. اھڙيءَ طرح سندس بيروزگاريءَ مان جان ڇٽي پوي ٿي ۽ پوءِ آھستي آھستي خاندان جي ٻين فردن کي به ڪراچيءَ ۾ اچي ڪمائڻ جي دعوت ڏيڻ شروع ڪري ٿو.

۲) لڏي ايندڙ فردن ۽ سندن خاندانن جي آھستي آھستي وڏيرڪي جاگيرداري نظام مان آزادي حاصل ڪرڻ جو دڳ نڪري ٿو.

۳) لڏي ايندڙ فرد/خاندان پنھنجي ٻارن کي ڪراچيءَ ۾ تعليم ڏيارن ٿا جيڪي اڳتي ھلي فقط ڪوٽا سسٽم تي ڀاڙڻ بجاءِ عام طور ٿيندڙ چٽاڀيٽيءَ جا امتحان پاس ڪري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي وڃن.

۴) لڏي ايندڙ فردن/خاندانن جا ٻار سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ سان گڏ مختلف نجي شعبن ۾ به نوڪريون حاصل ڪرڻ/ڪم ڪرڻ جي لائق ٿي وڃن ٿا.

اهڙي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي شمن علي لکيو ته جيڪي سنڌ دوست ڪراچي ۾ رهن ٿا اهي صرف ٿوري همٿ ڪن پنهنجي رشتيدارن کي ڪراچي ۾ گهرائي ڪنهن نه ڪنهن روزگار سان لڳائن تڏهن وڃي ڪو فرق پوندو، طاهره ستار، سيال اي آر رزاق، ياسين ميراڻي به راءِ جو اظهار ڪيو، محمد شهمير خاصخيلي لکيو ته مون ته هزارين سنڌين کي پنج ڇھه سالن ۾ ڪک پتي مان لک پتي ٿيندي ڏٺو آهي،ڪراچي دبئي کان به وڌيڪ بهترين آهي اسان سنڌين لاءِ، رڳو ھمٿ ڪيو، جميل احمد، زبير تنيو به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، راشد علي لکيو ته بلڪل اتي سنڌين جي وري مالڪي به ته ٿئي نه جيڪي پراڻيون سنڌين جون آباديون آھن انھن کي مسمار ڪيو ٿو وڃي مالڪي ڪيو انھن جي سڀ کان پھريان ڪراچي ۾، حنان فطين لکيو ته ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي ڪامورن، وڏيرن، سياستدانن، صحافين کي ۽ واپارين کي گهرجي ته ٻهراڙين مان ايندڙ نوجوانن، محنت ڪشن ۽ شاگردن جي آبادڪاريءَ، روزگار ۽ سکيا لاءِ ابتدائي سھائتا ڪن ڪجھه اجتماعي مالي فنڊ قائم ڪن، ڪجھه پنهنجن دوستن کي چئو چواء ڪري روزگار سان لڳائين. خوجن، بوهرين، ڪاٺياواڙين ۽ اردو ڳالهائيندڙ سنڌين سان سٺا تعلقات قائم ڪن. ظهير احمد لکيو ته ڪراچي سنڌين جو مستقبل آهي،

عبدالحڪيم سومرو لکيو ته سنڌي قوم کي ان پاسي اچڻ گهرجي، امرلال ڀيل لکيو ته ھر ھڪ ضلعي جي ھر ديهه مان ھڪ خاندان لڏي وڃي ۽ هر ديهه جووڏو زميدارمدد ڪري ته ڪراچي ۾ اڪثريت ۾ سنڌي هوندا ڪراچي ۾ سنڌي هڪٻئي سان تعاون ڪن،منصف جتوئي لکيو ته رهڻ لاءِ ڪراچي بهترين شهر آهي، اشتياق جان سرهندي، نمرا ٽالپر، نظير بلوچ لکيو ته هزارين سنڌين کي مون اتي ترقي ڪندي ڏٺو آهي ڪراچي دبئي کان به بهتر آهي اسان سنڌين لاءِ،راشد ٽالپر، روشن منگي به راءِ جو اظهار ڪيو، محسن مهيسر لکيو ته سنڌين جي آبادي ڪراچي ۾ وڌي آهي اھا سٺي ڳالھه آهي پر ڪراچي رھڻ جي لحاظ کان تمام ڏکيو شهر آهي، ڇڙا ته ھاسٽلن ۾ رھي سگهن ٿا پر فيملي واري کي رهڻ لاءِ ٻن ڪمرن جو گهر گهٽ ۾ گهٽ 15000 ۾ ملي ٿو، ۽ سو به شهر کان پاسي، پيئڻ جو پاڻي به پيسن ۾ ٿو ملي، روزگار ڪرڻ لاءِ جي پرائيوٽ جاب ڪري ٿو ته پيٽرول مهانگو هجڻ جي ڪري هڪ ڏينهن ۾ 500 جو پيٽرول ڪائي وڏي ڳالھه نه آهي، ڪراچي افغاني ۽ ٻيا ڌاريا ان ڪري ڪراچي ۾ رهن ٿا جو هو ننڍي ڪم مان گهڻو ڪمائي ويندا آهن، مان هڪ افغاني کي سڃاڻان جيڪو گهر گهر ڪچرو وٺندو آهي ۽ ان وٽ 10 لکن جي گاڏي به آهي جيڪا ان ڪچري مان ورتي آهي، سنڌي اسان وارا نه سبزي جي ريڙهي ھڻندا نه موچي جو ڪم نه ڪندا، شهرن جا اصل مالڪ رڪشا وارا، موچي، ۽ ريڙهن وارا هوندا آهن ، زاهد علي ڪابورو، ناقي ابڙو به راءِ جو اظهار ڪيو.