سوال/سروي … سنڌ ۾ ڪو به چڱو آفيسر نظر نٿو اچي، باقي سڀ ڪرپشن ايمانداري سان ڪندا آهن، غريبن جي ڪير سار نٿو لهي: عوام

0
207

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سال 2022ع ۾ اوهان جي علائقي جي سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن جي ڪارڪردگي ڪيئن رهي؟ ڪهڙي آفيسر يا ملازم جي ڪارڪردگي سڀ کان وڌيڪ خراب يا سٺي رهي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن پنهنجي پنهنجي علائقي جي آفيسرن جي ڪارڪردگي جي نشاندهي ڪئي، سروي ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ مقرر سڀني آفيسر هڪجهڙا آهن، ڪارڪردگي زيرو آهي، ڪرپشن ايمانداري سان ڪندا آهن، اسان کي ڪوبه آفيسر چڱو نظر نه آيو جنهن جي ڪارڪردگي نالو وٺي بيان ڪريون، غريب عوام جي ڪير به سار نٿو لھي، سڀئي ويچارا آفيسر ڪرپشن ايمانداري سان پيا ڪن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي عبدالغفور سروهي لکيو ته ڪارڪردگي زيرو رهي، گل حسن شر لکيو ته سڀ کان خراب ۽ ڪرپٽ واپڊا وارا آھن پنھنجي نااھلي نالائقي لڪائڻ لاءِ انھن ماڻھن ڏي بوگس بل موڪلين ٿا جيڪو صرف ھڪ سيور ٻارين ٿا جن وٽ نه فرج آھي نه اي سي جو ڪو تصور آهي رشوت عيوض ڪنڊا سسٽم کي ھٿي وٺرائي ان جو سڄو ملبو غريب ماڻھن تي ڪيرائن ٿا ڪارڪردگي سڀني جي زيرو آ جنھن وٽ اختيار آ اھو فرعون بڻيو ويٺو آھي، شفقت علي جروار لکيو ته بدين ضلعي جي انتظاميا گذريل 30 سالن کان نه ته عوام لاءِ ڊگهڙي کان ٽنڊو باگو روڊ رپيئر ڪرايو نه ٻوڏ م عوام کي راشن يا بنيادي شيون مهيا ڪيون ۽ ٻي طرف ڊي سي بدين ته چيو بدين م ٻوڏ ئي ناهي ٿي بدين ضلعي جي عوام اڄ به دربدر آهي بلڪل مالڪي ناهي ٿي، باغي مختيار ميمڻ لکيو ته سجاول ۽ ٺٽو ضلعو ٻئي ندڻڪا ضلعا رهيا آهن منسٽر ,صلاحڪار ,ايم اين اي,ايم پي اي هوندي به مسئلن ,بدامني جو شڪار رهيو آهي، علي اڪبر بڪيرو لکيو ته الله پاڪ ايمان ڏي، عبدالغفور لکيو ته گذريل ڪيترن سالن کان يونين ڪائونسل آفيس فريدآباد غير فعال آهي ڪو به ملازم ڊيوٽي تي موجود نه ٿو رهي عام خلق کي پنهنجي ضروري ڪمن لاءِ سوين روپيا ڀري ميھڙ وڃڻو پوي ٿو…… جتي به کين رلايو وڃي ٿو…… ھي کاتو مڪمل طور ناڪام آهي……. شنڪر لال لکيو ته اسان وٽ گورنمينٽ آفيسر يا ملازم جي ڪارڪردگي تمام تر خراب ھي رھي آھي ڇو ته گورنمينٽ ادارن ۾ عام ڪرپشن آهي خاص ڪري اسان جي سنڌ جي ادارن ۾.. عطا الرحمان ڪلهوڙو لکيو ته محمد اڪرم شيخ سيڪريٽري سئي گيس سوسائٽي واڌو واهه جي ڪارڪردگي سٺي ناهي، مراد علي لکيو ته اسانجي شھر سيري م ڪو به ترقياتي ڪم نه ٿيو اسان کي ڪوبه آفيسر چڱو نظر نه آيو جنهن جي ڪارڪردگي نالو وٺي بيان ڪريون، نارائڻ داس لکيو ته ڪارڪردگي جي ڳالھه لکڻ لآ تمام بھترين ۽ سرزمين تي ڏسڻ لآ ھوش اڏآمي ويندا، عمران گل سومرو لکيو ته اهو نه پڇو سڀ ڪرپٽ آهن ڪنهن جو نالو لکجي ڳڙهي خيرو سدائين سورن ۾ آهي ڪو والي وارث ناهي جيڪو اچي ٿو مال کائي نڪتو ٿو وڃي، شهمير علي لکيو ته اسان جي سنڌ جي آفيسرن کي رڳو پنهنجي پيٽ جي پرواهه آهي غريب عوام جي ڪير به سار نٿو لھي، محمد علي راڄپر لکيو ته اسان جي تعلقي فيضگنج ضلع خيرپور ميرس ۾ ڪارڪردگي بلڪل زيرو رھي، جنيد لغاري لکيو ته ضلعو دادو تعلقا ڪي اين شاھ ۾ جيڏو وڏو سيلاب هو اوترا وري آفيسر ظالم غريب دشمن هئا، ذوالفقار علي راهمون لکيو ته سڀئي ويچارا آفيسر ڪرپشن ايماندارئ سان پيا ڪن، قادر بخش زئور لکيو ته اسان جي علائقي ۾ ڪارگردگي زيرو زيرو رھي، قربان علي ميراڻي لکيو ته لڏوئي راشي ڪرپٽ آ صرف اليڪشن ٿيڻ وقت ظاھر ٿيندا في الحال غائب آھن ڪو اتو پتو ڪونھي ڪنھن جو نالو لکجي، نواب شيخ لکيو ته سڀ کان وڌيڪ بدترين ڪارڪردگي يو سي سيڪريٽري جي رهي جيڪو نه صرف سڄو سال آفيس نه آيو پر يو سي مان ملندڙ سرٽيفڪيٽن جا اگھه مقرر ڪري ماڻھن کي ڦريندو به رهيو، امتياز جمالي لکيو ته ڪا به ڪارڪردگي نه رهي، توفيق کهاوڙ لکيو ته پوري قمبر ضلعي ۾ ڪم ئي ناهي ٿيو، پوءِ به ووٽ سردار، ميرن جو، جن ضلعي کي تباهه ڪيو آهي، حافظ راڄپر لکيو ته سب آفيسرپنهنجوپيٽ برڻ ۾ پورالڳاپياآهن سڄوٽولوجوٽولوڪرپٽ آهي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته اسان جي شهر ڪڍڻ ۽ ان جي آس پاس وارن علائقن ۾ نه صفائي ٿي نه پاڻي ٿو هلي نه روڊ رستا ٺيان اسان جي شهر جا آفيسر جي ڪارڪردگي 0 آهي، لائق چانڊيو لکيو ته اسان جو ڱوٺ رئيس جھان خان يونين ڪاونسل ميرپرٻرڙو دھ ڳاڙي جاگير کي مڪمل نظرانداز ڪيو ويو آهي، شجر عباس لکيو ته سڀ آفيسر هڪجهڙا آهن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته ڪنھن جي ڳالهه ڪجي سڀ سر جا سائين آھن بس سدائين خوش ھجن غريبن جي پارت ھجين سائين جن کي، محمد فياض وساڻ لکيو ته ضلعي سانگھڙ ۾ اسان جي علائقي ۾ ڪارگردگي زيرو زيرو رھي آھي، امتياز علي لکيو ته سڀئي ويچارا آفيسر ڪرپشن ايمانداري سان پيا ڪن، محمد اسماعيل لکيو ته اسانجي علائقن کي سرڪاري آفيسرن تباهي ڪنڌي تي پهچايو ڪارڪردگي زيرو زيرو زيرو رهي ڪروڙين رپيا ترقياتي ڪمن جا کائي چٽ ڪيا ويا آهن، عبدالغفار خان لکيو ته پٽيوالي کان وٺي چيف سيڪريٽري تائين سڀ هڪ جهڙا آھن , هڪ ڪم ڪندا آھن سفارش  تي ٻيو وري پئسن تي , ڪنهن علائقي جي ڳالھ نه ڪريو سڄي سنڌ ۾ اهڙو حال آھي، شفيق احمد لکيو ته سڀني جي ڪارڪردگي زيرو رهي.