ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صوبائي وزير سهيل انور سيال جي ڪراچي واري گھر مان قيمتي رائفلون چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب ڪجھه ڏينهن اڳ سهيل انور سيال ملڪ کان ٻاهر ويل هو ته جوابدار سندس گھران هٿيار کڻي فرار ٿي ويو. خانگي ٽي وي چينل موجب جوابدار سهيل انور سيال جي گھر ڀرسان گاڏي بيهاري گارڊن جي موجودگي ۾ گھر اندر داخل ٿيو ۽ اتان ٻه قيمتي رائفلون کڻي بعد ۾ ساٿي سان گڏ فرار ٿي ويو. پوليس موجب جوابدار سهيل انور سيال جي گھران رائفلون کڻي پاڙيسريءَ جي ڇت تي رکيون جتان بعد ۾ هو کڻي فرار ٿي ويو. هڪ جوابدار گرفتار آهي، جنهن کان جاچ هل رهي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته جوابدار جي اتي اڳ به اچ وڃ هوندي هئي. جاچ ڪندڙ ذريعن ٻڌايو ته جوابدار هٿيار وڪڻڻ ويو ته ان موقعي تي پڪڙجي پيو.