عورت ٽڪ ٽاڪر ڪيس: ريمبو جا وڌيڪ 3 ساٿي گرفتار

0
508

ڪراچي(م ڊ) لاهور پوليس عورت ٽڪ ٽاڪر ڪيس ۾ وڌيڪ ٽن ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ماڻھو ڪيس ۾ ريمبو جا ساٿي آھن ۽ سندس گرفتاري کانپوءِ گرفتار جوابدارن جو تعداد وڌي 11 ٿي ويو آھي.

واضح رهي ته اقبال پارڪ واقعي جي متاثر عورت عائشه اڪرم بيان ڏنو هو ته گريٽڙ پارڪ جو واقعو سندس ساٿي ريمبو جي ڪري ئي پيش آيو هو.

گذريل ڏينهن مينار پاڪستان تي ڪيترن ئي ماڻهن هٿان عورت ٽڪر ٽاڪر کي بي لباس ڪرڻ جي ڪيس ۾ هڪ نئين اڳڀرائي سامهون آئي هئي.

گريٽر اقبال پارڪ ۾ غير اخلاقي جو شڪار بڻجڻ واري ٽڪ ٽاڪر عائشه اڪرن ۽ ان جي دوست ريمبو جي هڪ مبينا آيو ٽيپ سامهون آئي هئي.

مبينا آڊيو ٽيپ ۾ عائشه اڪرم ۽ ان جي دوست ريمبو ڳالهائيندي چون ٿا ته جوابدار 6 آهن يا 7 جنهن تي عائشه چوي ٿي 6 جن کي هن سڃاتو آهي.

ھي به پڙھندا

ٽڪ ٽاڪر عورت ڪيس ۾ نئون موڙ، عائشه ۽ ريمبو جي آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي