حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) سنڌ ۾ ٻن سالن دوران زرعي ڀاڻ جون قيمتون ٽيڻ تي وڌي ويون، يوريا ۽ ڊي اي پي ڀاڻ مارڪيٽ مان غائب، وڏي پئماني تي گدامن ۾ ذخيرو، ڀاڻ جون قيمتون وڌڻ ۽ مارڪيٽ مان غائب ٿيڻ سبب آبادگار سخت پريشان

ڪڻڪ پوکي دوران زرعي ڀاڻ جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان. رپورٽ  مطابق سنڌ ۾ گذريل ٻن سالن دوران زرعي ڀاڻ جي قيمتن ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿي ويو آهي جنهن سبب سنڌ جا آبادگار فصلن جي پوکائي ۽ فصلن کي تيار ڪرڻ جي حوالي سان سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ يوريا ڀاڻ جي ساليانو ڪل کپت 6.5 ملين ٽن آهي. يوريا ڀاڻ جي تياري لاءِ سرڪار ڪارخانيدارن کي ترجيحي بنيادن تي سستي گئس به فراهم ڪري ٿي پر ان جي باوجود ملڪ ۾ تيار ٿيندڙ يوريا ڀاڻ جون نه رڳو قيمتون وڌي ويون آهن پر اهو ڀاڻ عام مارڪيٽ مان به غائب ٿي گذريل سال وانگر هن سال به گدامن ۾ ذخيرو ٿي ويو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته 2 سال اڳ يوريا ڀاڻ جي قيمت 1755 رپيا في ٻوري هئي پر هاڻي ان ڀاڻ جي قيمت 4 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي. عام مارڪيٽ مان يوريا ڀاڻ غائب هجڻ جي ڪري دڪاندار اهو ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ڪن ٿا ۽ اهو ڀاڻ آبادگارن کي سرڪاري قيمت ڀرسان 5 هزار رپين کان وڌيڪ في ٻوري جي حساب سان وٺڻو پوي ٿو. جيتوڻيڪ يوريا ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪنهن به ڪمپني ان ڀاڻ جا 4200 رپيا في ٻوري کان وڌيڪ اگهه نه وڌايا آهن ۽ نه ئي وري ڪنهن ڪمپني اها پڌرائي جاري ڪئي آهي ته ان ڀاڻ جي مارڪيٽ ۾ کوٽ آهي پر ان جي باوجود عام دڪاندار ڀاڻ جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي ان کي وڪرو ڪري رهيا آهن جڏهن ته ڀاڻ جي قيمتن تي ضابطي ۽ ان جي مارڪيٽ ۾ موجودگي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قائم زرعي کاتي اڃا تائين ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي آهي جنهن جي ڪري ان ڀاڻ جون قيمتون اڃا به وڌڻ جو امڪان آهي

آبادگارن مطابق ڪڻڪ جي پوکي لاءِ آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ جي به سخت ضرورت پوي ٿي ۽ پوري ملڪ ۾ ان جي ساليانو کپت 3 ملين ٽن کان وڌيڪ آهي، ان ڀاڻ جي 2 سال اڳ قيمت في ٻوري جي حساب سان 3 هزار رپيا هئي جيڪا هاڻي وڌي 12 هزار 500 رپيا في ٻوري ٿي وئي آهي پر اهو ڀاڻ به عام مارڪيٽ مان غائب ٿيل آهي جڏهن ته وڏن دڪاندارن ان ڀاڻ کي به پنهنجن گدامن ۾ ذخيرو ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن هو ان ڀاڻ جو به بليڪ تي وڪرو جاري رکي سگهن. آبادگارن مطابق اهو ڀاڻ به ملڪ ۾ ئي تيار ٿئي ٿو رڳو ان ڀاڻ ۾ پوندڙ فاسفورس ٻاهران گهرائي وڃي ٿي

18هين ترميم کانپوءِ جيتوڻيڪ ڀاڻ سميت ٻين شين جي اگهن تي ضابطي ۽ انهن شين جي مارڪيٽ ۾ موجودگي جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ ان جي ادارن جي آهي پر حڪومت ڀاڻ جي معاملي کي وفاقي معاملو قرار ڏئي بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪن لاٽار ڪري ڇڏي ٿي جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ماتحت ڪم ڪندڙ زرعي توسيح کاتو به ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ ۽ ان جي ذخيرو اندروزي خلاف ڪا ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻن اهم ڀاڻن يوريا ۽ ڊي اي پي کانسواءِ نائيٽرو فاس ۽ پوٽاش جون قيمتون به ٽيڻ تي وڌي ويون آهن پر انهن ڀاڻن جي مارڪيٽ ۾ موجودگي ۽ بليڪ مارڪيٽنگ کي روڪڻ لاءِ ڪي تحرڪ نٿا ورتا وڃن