حيدرآباد: پاڪستان ۾ پهرين نمبر تي يوريا ڀاڻ ۽ ٻئي نمبر تي ڊي اي پي ڀاڻ جي کپت ٿئي ٿي. يوريا ڀاڻ فصل کي تيار ڪري ٿو جڏهن ته ڊي اي پي ڀاڻ فصل جي پوکائي کان اڳ زمين کي طاقت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان کانسواءِ پوٽاش جنهن کي 23-23 ڀاڻ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو تنهن کي به زمين کي طاقت ڏيڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. پوٽاش کانسواءِ ڪين ۽ ٻيا ڀاڻ به زمين ۽ فصلن کي ڏنا وڃن ٿا. مارڪيٽ ۾ هٿرادو ڀاڻ ٺاهي مختلف نالن سان غريب ۽ بي سمجهه هارين کي سستي اگهه تي وڪرو ڪرڻ جون شڪايتون به عام آهن. زراعت کاتي جا فيلڊ آفيسر رڳو نالي ماتر ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جا نمونا کڻي ليبارٽرين کي موڪلين ٿا ۽ ڏنو پٽ ڇٽي جي حساب سان ڊيلرن ۽ ڀاڻ ڪمپنين سان معاهدا ڪري هر سال ڳري رشوت عيوض پنهنجو ۽ پنهنجي آفيسرن جو پيٽ ڀرڻ ۾ مصروف هجن ٿا. جيتوڻيڪ سنڌ جا آبادگار هر سال ڀاڻ جي بليڪ مارڪيٽنگ، ذخيرا اندوزي ۽ اگهه وڌڻ خلاف دانهيندا ۽ احتجاج ڪندا رهن ٿا پر سندن احتجاج کي ڪنهن به ليکي ۾ نٿو آندو وڃي جنهن ڪري ڀاڻن جي عدم موجودگي ۽ غير معياري هجڻ سبب سنڌ جي زراعت تباهي طرف ڌڪجي رهي آهي.پاڪستان ۾ 3 اهم ڪمپنيون يوريا ڀاڻ تيار ڪن ٿيون. اهڙين ڪمپنين کي فوجي فرٽيلائيزر، فاطمه فرٽيلائيزر ۽ اينگرو فرٽيلائيزر ڪمپني شامل آهن. انهن ٽنهي ڪمپنين کي ڀاڻ ٺاهڻ لاءِ وفاقي سرڪار ترجيحي بنيادن تي گئس فراهم ڪري ٿي. يوريا ڀاڻ ۾ پوندڙ سموريون شيون پاڪستان مان ئي حاصل ٿينديون آهن جن تي پڻ حڪومت ڪمپنين کي سبسڊي ڏيندي رهي ٿي پر ان جي باوجود اهي ڪمپنيون پنهنجي مرضي سان ڀاڻ جا اگهه وڌائي ٿيون ڇڏين جڏهن ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون نه رڳو ڀاڻ جي قيمتن تي ضابطي پر ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ واري معاملي تي به خاموش رهن ٿيون جنهن سبب هر سال ان ڀاڻ تي آبادگارن کان اربين رپيا اضافي اوڳاڙي ڪري سرمائيدار پنهنجو پيٽ ڀريندا رهن ٿا.