ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ: 3 نوجوان قتل، ان ڏس ۾ نيو ڪراچي ۾ سليم سينٽر وٽ ڦورن ڦر دوران  مزاحمت تي نوجوان عمر جهانزيب کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مقتول صدر ۾ ڪال سينٽر تي ڪم ڪندو هو، صبح جو ڊيوٽي ختم ڪري پنهنجي ڀاءُ سان گڏ سرجاڻي ٽائون ۾ گهر وڃي رهيو هو، سليم سينٽر وٽ موٽرسائيڪل سوار ڦورن ٻنهي ڀائرن کان ڦرلٽ ڪئي، مزاحمت تي عمر جهانزيب کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف سرجاڻي ٽائون فيز ون ۾ پسند جي شادي ڪندڙ نوجوان 28 سالن جي فرحان کي گهر ٻاهران ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو مقتول ثريا نالي ناري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، ثريا شادي شده هئي، مڙس کان طلاق وٺي فرحان سان شادي ڪيائين، پوليس موجب مقتول ڪپڙي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندو هو. وارثن موجب نوجوان کي ساهرن طرفان ڌمڪيون به مليون هيون، هوڏانهن هاڪس بي ۾ دعا هوٽل وٽ ڦورن ڪار تي فائرنگ ڪري 24 ورهين جي شايان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب مقتول دوستن سان گڏ پڪنڪ تي آيل هو،